109

ڪراچي ۾ ماسڪ نه پائڻ تي ڏنڊ وصول، وڪسينيشن ڪارڊ پڻ چيڪ

  ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسسٽنٽ ڪمشنر لياري سب ڊويزن ڪريم ميمڻ نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول پاران جاري ڪيل هدايتن تحت اربع ڏينهن غوثيه موبائيل مارڪيٽ، ڪنگ پيلس مارڪيٽ جو دورو ڪيو. ان موقعي تي هن دڪاندارن، ريسٽورينٽس مئنيجرن ۽ ٻئي عملي جا ماسڪ ۽ ويڪسينيشن ڪارڊ چيڪ ڪيا. اسسٽنٽ ڪمشنر لياري ماسڪ نه پائيندڙن تي ڏنڊ لاڳو ڪيا جڏهن ته هوٽلن جي مالڪن کي فقط ويڪسينيٽڊ ماڻهن کي ان ڊور ڊائيننگ جي اجازت تي عملدرآمد جون هدايتون ڏنيون. ان موقعي تي اي پي پي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته لياري سب ڊويزن ۾ 95 سيڪڙو مرد ويڪسين هڻائي چڪا  آهن جڏهن ته لياري ميڊيڪل ڪاليج، ٽي ايڇ او آفيس سوڌو موبائيل ويڪسينيشن ٽيم به مختلف هنڌن تي عوام جي ويڪسينيشن ۾ مصروف آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو