130

مڙس اڳوڻي گهرواريءَ کي ڀاڪر پائي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست ميزو رام ۾ 62 ورهين جي روهنگيانا پنهنجي گهرواري سان ملڻ جي لاءِ سبزي مارڪيٽ پهتو، جتي هوءَ پنهنجي اڳئين مڙس مان ٿيل ڌيءَ سان ڀاڄي وٺي رهي هئي، هن پنهنجي اڳوڻي گهرواري کي چيو ته طبيعت خراب آهي، مٿي ۾ سور آهي، سگريٽ وٺي ڏئي، سگريٽ پيئندي ئي هن بيهوشي جو ڊرامو ڪيو ۽ گهرواري کي ڀاڪر وڃي پاتو، ان دوران هن پاڻ کي ڌماڪيدار مادي سان اڏائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڄڻا مارجي ويا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو