128

سنڌ حڪومت پاران آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ سرڪار آفيسرن جون بدليون ۽ مقريون ڪيون آهن، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب تعليم کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري کان ڪلچر کاتي جي اضافي چارج واپس وٺي 20 هين گريڊ جي عبدالرحيم سومرو  سيڪريٽري ڪلچر مقرر ڪيو ويو آهي، عبدالرحيم سومرو کان بورڊ آف روينيو جي ميمبر جي چارج واپس ورتي وئي آهي.جڏهن ته گلشن اقبال جي اسسٽنٽ ڪمشنر زاهد جوڻيجو کي بدلي ڪري ڪياماڙي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي، گهوڙا ٻاري جي اسسٽنٽ ڪمشنر نظير ابڙو کي بدلي ڪري ڪراچي ايسٽ گلزار هجري ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، جتان محمد اسحاق کي بدلي ڪري ڊپٽي سيڪريٽري بورڊ آف روينيو مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪب آباد جي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو محمد نواز ڪلوڙ کي بدلي ڪري ڪورنگي ۾ اي ڊي سي مقرر ڪيو ويو آهي، ڪورنگي مان اسسٽنٽ ڪمشنر امير علي ميراڻي کي بدلي ڪري اي سي جنرل ڪمشنر آفيس لاڙڪاڻي ۾ مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن عبدالستار هڪڙو کي بدلي ڪري اي سي گلشن اقبال مقرر ڪيو ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو