ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته 2023ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سنڌ ۾ به حڪومت ايندي، وزيراعظم عمران خان ڪراچي سان جيڪي واعدا ڪيا هئا اهي پوري ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن جنهن ۾ گرين لائن منصوبو اوهان جي سامهون آهي ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ خوبصورت بسون بين الاقوامي معيار جون آهن. اهڙو اظهار هن گذريل رات گورنر هائوس ۾ وزيراعظم عمران خان جي ملڪ ۽ جمهوريت جي استحڪام لاءِ قدمن جي حوالي سان جنون گروپ جي تيار ڪيل ڊاڪيومينٽري فلم پيش ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن، جنون گروپ جي باني ۽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سلمان احمد، ڊاڪٽر ابرار الحق سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ عورتن ۽ مردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. گورنر تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته موجوده وزيراعظم عمران خان هڪ ڊهي عرصي کان پاڪستان جي عوام لاءِ جدوجهد ڪئي جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته پاڪستان جي عوام کيس ملڪ جي وزيراعظم طور ڏٺو پر اهو رستو ايترو آسان نه هو ان رستي ۾ هن وڏين مشڪل جو مقابلو ڪيو. گورنر چيو ته اسان کي عمران خان جي جدوجهد مان سکڻ گهرجي. گورنر وڌيڪ چيو ته انسان کان غلطي ٿي سگهي ٿي جنهن لاءِ ضروري آهي ته هڪ ٻئي کي درست ڪيو وڃي، اسان سڀ هڪ فيملي وانگر آهيون اسان سڀني کي هڪٻئي جي ڏک ۽ خوشي جو احساس آهي تنهن ڪري اسان سڀني کي گڏجي هلڻو آهي. هن چيو ته انشاءَ الله 2023ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي سنڌ ۾ به حڪومت ايندي. وزيراعظم عمران خان ڪراچي سان جيڪي واعدا ڪيا هئا اهي پورا ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن جنهن ۾ گرين لائن منصوبو اوهان جي سامهون آهي ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ خوبصورت بسون بين الاقوامي معيار جون آهن. گورنر چيو ته ڪي فور ٺهڻ شروع ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪي سي آر جو پڻ وزيراعظم افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. بعد ۾ گورنر تقريب ۾ شريڪ ماڻهن سان گڏجي وزيراعظم عمران خان جي سالگرهه جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.
