108

پاڪستان پيپلز پارٽي پاران ڪراچي جلسي جون تياريون، ڪاميٽيون قائم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي منظوري سان 17 آڪٽوبر جلسي بابت آرگنائيزنگ ڪميٽي ۽ ميڊيا ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ان ڏس ۾ جاري ڪيل پڌرائي موجب آرگنائيزنگ ڪميٽي جو سربراھ پي پي سنڌ جو صدر نثار کھڙو ھوندو ۽ ميمبرن ۾ وقار مھدي، سعيد غني، سيد ناصر شاھ، نعمان شيخ، مڪيش ڪمار چاولا، جاويد ناگوري شامل آھن، جلسي بابت پي پي پي جي صوبائي اطلاعات سيڪريٽري عاجز ڌامراھ جي سربراھي ۾ ميڊيا ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آھي، جنھن جي ميمبرن ۾ سيدہ شھلا رضا، آصف خان، شڪيل چوڌري، شڪيل ميمڻ ۽ پي پي پي ڪراچي جي سڀني ضلعن جا اطلاعات سيڪريٽري شامل آھن، پي پي پي سنڌ جي صدر نثار کھڙو چيو آھي تہ 17 آڪٽوبر وارو جلسو شھيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ سميت ملڪ ۾ مھانگائي سنڌ جي حقن تي ڌاڙي ۽ وفاق جي يزيدي سرڪار خلاف ريفرينڊم ثابت ٿيندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو