91

ٻهراڙين جون رونقون ڪاڏي ويون..؟؟

ليکڪ: توفيق رضا نائچ

انهي ۾ ڪو شڪ ناهي ته ترقي تعليم سان ٿيندي آھي، پر جتي تعليم هجي ۽ چين، سڪون، امن ۽ محبت نه هجي، اتي ترقي گهڻي مشڪل سان ٿيندي آھي، جيڪڏهن اسان تاريخ تي نظر وجهي ماضي ۾ هليا وڃو ته ٻهراڙيون انسان جي سڪون ۽ چين جون جايون ليکبيون هيون، جتي پڙھيل لکيل ته گهٽ پر عقلمند ۽ ڏاها ماڻھو گهڻا هئا، جتي پي ايڇ ڊي جي خبر به ڪانه هئي پر ماڻھو ڄڻ فلاسافرن جهڙيون ڳالهيون پيا ڪندا هئا، ڳالهيون اهڙيون ٿينديون هيون جو اٿڻ تي دل ئي نه چوندي هئي، رونقون ۽ ميلا ملاکڙا عام جام هئا، ڪچھري جو ماحول دل کي قرار ۽ روح کي راحت ڏيندو هو، مذھبي جهيڙن جو ته نالو نشان ئي نه هو، عيد هجي يا هولي سڀ هڪٻئي کي پيا مبارڪون ڏيندا هئا، شادي جنهن گهر ۾ ٿيندي هئي هفتو اڳ اچ وڃ شروع ٿي ويندي هئي، جيڪڏهن ڪو ساھه ڇڏيندو هو ته پري پري کان مائٽ مٽ اچي پهچندا هئا، ائين هاڻي نظر نه ٿو اچي، اڳ شهري شهر ۾ تنگ يا بي چين ٿيندو هو ته اھو ٻهراڙي جي مائٽن ڏانهن  رخ ڪندو هو، جتي جو ماحول کيس ماءُ جي هنج جهڙو سڪون ڏيندو هو، هتي ٿوري دير لاءِ جيڪڏهن مان پنهنجي ڳوٺ محمد بچل نائچ جي ئي ماضي جي ڳالھه ڪيان جيئن وڏن کان ٻڌان ٿو ته پنجاب جا ماڻهو به هتان جو رونقون ڏسي سالن جا سال ٽڪي پوندا هئا ۽ موٽڻ جو نالو ئي نه وٺندا هئا، اڄ ان مهمان نوازي تي ڪتاب پيا لکجن، جيڪا گهڻي ڀاڱي نه رهي آھي، ٻهراڙي جي ان پرستان جهڙي ماحول کي الائي ڪهڙي بدنظر لڳي، اڄ ٻهراڙين جا جا منظر، چهچٽا ۽ چؤٻول ۽ روح رهاڻيون ملن ئي نٿيون، اهي سهانا صبح ، سرمائي شامون ۽ روح پرور راتيون الائي ڪاڏي ويون، اڄ اهي ڳالهيون نئين نسل کي رڳو افسانا لڳن ٿيون، اڄ رڳو اسان جي سماج ۾ ڪٿي بندوقن، ڪلاشنڪوف جا ڪڙڪا ته ڪٿي مردن ۽ عورتن جي ڪارو ڪاري واريون خبرون پيون ٻڌجن ۽ پڙھجن، هڪ دور هو جڏهن ڳوٺن جا سردار ۽ وڏيرا ڳوٺاڻن لاءِ چپرڇانوَ هئا، هر تڪليف ۾ واهر ڪندا هئا، ڳوٺاڻن جو درد پنهنجو سمجهندا هئا، هر ڏک ۾ سندرو ٻڌي بيهندا هئا، اڄ اهي مور ئي ڏسڻ ۾ نٿا اچن اڄ ڪم ئي ابتو آهي، پهرين مال جي چوري ته ٻڌندا هئاسين پر هيئر ماڻهن جو اغوا عام پيشو بڻجي ويو آھي، اهي ڳوٺ جيڪي جنت سمان هوندا هئا، امن هو، سڪون هو، ماڻهن ۾ پيار محبت هئي، اتي هاڻي نفرت، ساڙ، اڪيلائپ، جبر، ظلم، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ پيو نظر اچي، قبائلي جهيڙن رڻ ٻاري ڏنو آھي، جنهن جي ڪري نسل تباھه ٿي ويا آھن، قبائلي جهيڙن ۾ انسان حيوان بڻجي ٿو وڃي، شيخ اياز جو شعر ٿو ياد اچي ته

او حيوان! او حيوان! ڪنهن کي ٿو مارين،

هن جو توسان وير به ڪهڙو !

هن جو ديس به ساڳي ڌرتي،

هي به ته ماڻهو آ تو جهڙو!

ڇا اهڙي ماحول ۾ ڪو ترقي ڪري سگهندو؟ ڇا اهڙي ماحول ۾ ڪو پنهنجا ٻچا پڙھائي سگهندو؟ ڇا پهريان واريون رونقون ٻيهر بحال ٿي سگهن ٿيون؟

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو