129

ڪاميڊي ڪنگ عمر شريف جو لاڏاڻو

ليکڪ: الطاف ابڙو

طنز ۽ مزاح جو بي تاج بادشاهه، نالي وارو ڪاميڊين، ڪمپيئر ۽ اداڪار عمر شريف جرمني جي هڪ اسپتال ۾ گذاري ويو، معروف اداڪار عمر شريف دل جي علاج لاءِ ايئر ايمبولينس ذريعي آمريڪا روانو ٿيو هو. جيڪو آمريڪا پهچڻ کان اڳ ئي جرمنيءَ جي اسپتال ۾ مالڪ حقيقي سان وڃي مليو، عمر  شريف گهڻي ئي عرصي ملڪ جو نالو روشن ڪرڻ سان گڏوگڏ لکين ماڻهن جي چهرن تي مرڪون وکيريندو رهيو، سڄي ملڪ ۾ ماڻھو سندس صحت سلامتي لاءِ دعاڳو رهيا، ميڊيا مطابق عمر شريف جي طبيعت سومر تي اوچتوخراب ٿي وئي هئي. سندس ڊاڪٽر طارق شهاب مطابق ڊائيلاسز دوران سندس بلڊ پريشر تمام گھڻو گهٽ ٿي ويو هو، جنهن مسئلي کان پوءِ عمر شريف کي گهڻي سار سنڀال واري يونٽ ۾ منتقل ڪيو ويو هو. گذريل مهيني اسٽيج ۽ ٽي وي جي نامور ڪاميڊين جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون هيون جنهن ۾ عمر شريف  ويل چئير تي ويٺل نظر آيو. هو دل، گڙدن ۽ ٻين ڪن بيمارين ۾ ورتل هو، عمر شريف جي پُٽ پاڪستان جي تحريڪ انصاف جي حڪومت سان درخواست ڪئي هئي ته انهن جي پيءُ کي علاج لاءِ آمريڪا وڃڻ جي ضرورت آهي جنهن لاءِ سندن خاندان کي سرڪاي مدد گھربل آهي.مشهور اداڪار جي پٽ جي جي اپيل آڏو اچڻ کان پوءِ سنڌ حڪومت  عمر شريف جي علاج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو.عمر شريف 19 اپريل 1955 تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو هو ۽ هن 14 سالن جي عمر ۾ اسٽيج تي اداڪاري شروع ڪري ڇڏي هئي.مزاحيه اسٽيج ڊراما سندس شهرت جو سبب بڻيا ۽ هن ٽي وي ۽ فلمن ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.عمر شريف کي سندس فني خدمتن جي اعتراف طور نگار ايوارڊ ۽ تمغه امتياز سميت ڪيترن ئي اعزازن سان نوازيو ويو، سندس لاڏاڻي تي پاڪستان جي شوبز انڊسٽري سان گڏ فنڪار، سياسي شخصيتون ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ليجينڊري ماڻهن عمر شريف جي وڇوڙي کي پاڪستان ۾ مزاح جي دنيا ۾ نه ڀرجڻ وارو خال قرار ڏنو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو