ٽئين ورسيءَ جي مناسبت سان…
ليکڪ: ڪرم علي شاهه ڪرم
سنڌ هميشه سياسي، سماجي ۽ تهذيبي شعور جو مرڪز رهي آهي، جتي هر دور ۾ علم ۽ دانش جي جوت جلائڻ وارا ڏاها پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن فنون لطيفه جي هر شعبي ۾ ڪمال جا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، جيڪڏهن صحافت، ادب ۽ موسيقي جي ٽن مختلف شعبن ۽ انهن جي ماهرن جي ڳالهه ڪبي ته يقينن انهن ٽن مختلف شعبن جي ڌار ڌار حيثيت آهي ۽ انهن ۾ مهارت رکندڙ به ڌار ڌار شخصيتون ئي هونديون آهن پر اسان اڄوڪي ڏينهن تي هڪ اهڙي شخصيت کي ياد ڪري رهيا آهيون جيڪو هڪ ئي وقت صحافي، اديب ۽ موسيقي جو ماهر هو. اها شخصيت شيخ عزيز آهي جيڪو واقعي به ڪمال هو جنهن انهن ٽنهي شعبن ۾ بهترين ڪارناما انجام ڏنا ۽ نه فقط ڏيهه پر پرڏيهه ۾ پاڻ ملهايو، شيخ عزيز جو پورو نالو عبدالعزيز شيخ ولد احمد شيخ هو، سندس ولادت 9 ڊسمبر 1938ع ۾ گاڏي کاتي حيدرآباد ۾ ٿي، ابتدائي تعليم حيدرآباد جي سرڪاري اسڪولن مان پرائي، صحافتي ذميواري نڀائيندي لنڊن جي نامياري صحافتي اداري ٿامس ڪاليج آف جرنلزم مان صحافت ۾ گريجوئيشن ڪيائين، شيخ عزيز جتي سنڌي صحافت کي جديد لاڙا ڏنا اتي هن ادب ۽ فن جي دنيا ۾ به طبع آزمائي ڪئي، صحافت کي جمود مان ڪڍيائين ۽ ان کي ترقي پسند سوچ ۽ فڪر تي آندائين، پاڻ سنڌي صحافت کان صحافت جي شروعات ڪيائون، جنهن بعد اردو ۽ پوءِ انگريزي صحافت جو رخ ڪيائون، جتي پڻ وڏو نالو ڪيائون، شيخ عزيز ملڪ جي وڏي انگريزي اخبار ۾ صحافتي فرض نڀايا ۽ مختلف ايشوز تي بهترين آرٽيڪلز تحرير ڪيا، جن کي وڏي مڃتا حاصل رهي، ناليوارين شخصيتن تي شيخ عزيز کان بهتر اڄ ڏينهن تائين ڪو نه لکي سگهيو آهي، شيخ صاحب ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف پڻ آهي ۽ ڪتابن جي صورت ۾ هو اڄ به اسان جي وچ ۾ موجود آهي. سندس صحافت تي سنڌي ڪتاب ”عملي صحافت“ ناياب ڪتاب آهي، جنهن صحافت جي شاگردن جي هڪ وڏي ضرورت ۽ مشڪل حل ڪري ڇڏي، شيخ صاحب سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافت جو شعبو قائم ڪرڻ ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ سائين خان محمد پنهور سان گڏجي صحافت جو شعبو کولائڻ لاءِ ڪوششون پڻ ورتائين، شعبو قائم ٿيڻ کانپوءِ پاڻ اتي ڪلاس به وٺندو هو، سندس ڪيترن ئي شاگردن اڳتي هلي صحافت سميت مختلف شعبن ۾ وڏو نالو ڪيو، اهڙي ريت اخباري فيلڊ ۾ به سندس ڪيترائي شاگرد هئا، اهڙي ريت ميوزيڪل انسٽرومينٽس تي سندس ڪتاب موجود آهن. جيڪي انگريزي ۽ سنڌي ۾ آهن، تازو ئي سندس ”چنگ“ تي انگريزي ۾ لکيل ڪتاب جو مهورت پڻ ٿيو آهي، شيخ صاحب ملڪ جو پهريون صحافي هو جنهن صحافتي دنيا ۾ “اوبيچيوري” (ڪنهن به نامياري شخصيت جي وفات تي بروقت سوانحي خاڪو لکڻ) جو لاڙو متعارف ڪرايو. سندس وڏي فرزند ۽ ناليواري ليکڪ ۽ صحافي طارق عزيز شيخ موجب اخباري ميگزين وارو اڄوڪو لاڙو شيخ عزيز سنڌي صحافت ۾ پهريون ڀيرو 1972ع ۾ ”سنڊي عبرت“ جي نالي سان شروع ڪيو، اردو اخبار جنگ ۾ ميگزين ايڊيٽر طور ”مهراڻ رنگ“ جي نالي سان صفحو شروع ڪيائين جنهن ۾ سنڌ جي حوالي سان تحريرون شايع ٿينديون هيون. شيخ عزيز صحافتي سفر جي شروعات روزاني “ڪاروان” حيدرآباد مان سب ايڊيٽر طور ڪئي، هو روزاني عبرت حيدرآباد، هفتيوار سنڌ آبزرور حيدرآباد (انگريزي) ، روزاني سنڌ نيوز حيدرآباد، روزاني جنگ (اردو) ڪراچي ،روزاني حريت (اردو) روزاني ڊان انگريزي ڪراچي ۾ سب ايڊيٽر، سينيئر سب ايڊيٽر، اسسٽنٽ ايڊيٽر، نيوز ايڊيٽر ۽ ايڊيٽر جي عهدن تي رهيو، هو روزاني سنڌ نيوز حيدرآباد جو ايڊيٽر هو ۽ ايم آر ڊي جي آمريت مخالف تحريڪ جي دور ۾ سندس سرواڻي ۾ ان اخبار انتهائي جرئت ڀريو ڪردار ادا ڪيو، ان دور جي اها وڏي ۾ وڏي اخبار هئي. جڏهن ته 1989ع کان 2008 تائين روزاني ڊان ڪراچي ۾ ايڊيشن انچارج ۽ نائيٽ ايڊيٽر رهيو، 2009ع ۾ جڏهن پير مظهرالحق سينئر وزير تعليم بڻيو ته هن سنڌي ادبي بورڊ جو وائيس چيئرمين شيخ عزيز کي بڻايو، جتي 2011ع تائين رھيو ، شيخ عزيز سنڌي، انگريزي ۽ اردو ۾ ٽن هزارن کان وڌيڪ آرٽيڪلز لکيا. جيڪي سياسي، سماجي، ثقافتي، تاريخي، موسيقي، ادبي ۽ ڪرنٽ افيئرز جي موضوعن تي آهن. شيخ صاحب جي لکليل ڪتابن ۾ سنڌ جون پراسرار ڪهاڻيون (سچيون ڪهاڻيون) ملهه، الحمرا جا داستان (ترجمو، واشنگ ارونگ)، نقش لطيف، صحافتي ٽيڪنيڪ تي سنڌي ۾ پهريون ڪتاب، 1975، 1978 ۽ 1995ع ۾ واڌاري سان، ”مون لينن جو ڏيهه ڏٺو“ (روس جو سفرنامو)، ”دي ٽربيوٽ“ (سنڌ جي ناليوارين شخصيتن جا انگريزيءَ ۾ سوانحي خاڪا)، ”تقسيم کان تقسيم تائين“ (سياسي تاريخ ، ڀاڱو پهريون)،”دي اوريجن اينڊ ايووليوشن آف سنڌي ميوزڪ“ (انگريزيءَ ۾ سنڌي موسيقي تي تحقيق، ”اي هسٽري آف سنڌي لٽريچر (انگريزي ۾ سنڌ جي ادبي تاريخ تي)، ”نوٽس آن سنڌ“ (انگريزي ۾، سنڌ جي تاريخ تي ڪتاب)، ”ميوزيڪل نوٽس“ (انگريزي ۾ موسيقي تي لکيل مقالا)، ”ڀُٽي کان ضياءَ تائين“ (سياسي تاريخ، ٻيو حصو)، ”پيليشل ٽيلس فرام سنڌ“ (انگريزي ۾ سنڌ جي تاريخ تي) ”کيرٿر“ (انگريزي)،”ائن السٽريٽڊ ائٽلس آف سومرا رولس ان سنڌ“ (انگريزي) ايم ايڇ پنهور ايڊيٽنگ، ”ننڍي کنڊ ۾ ڊرامي جي تاريخ“ (ايڊيٽنگ) 2007ع ،”راڳ ساگر“ ،”ڀٽو“ (يادگيريون،ترجمو) ”دارون ۽ ڪارون (آتم ڪهاڻي) وفات کان چار مهينا بعد شايع ٿيو“ ،” چنگ“ (انگريزي ءَ ۾ سنڌ جي قديم ساز تي ڪتاب) سال 2021 ۾ شايع ٿيو، شيخ صاحب جي هن عظيم سفر ۾ سندس شريڪ حيات حميده عزيز شيخ جو به ڀرپور ساٿ رهيو، جيڪا سندس ڏک سک جي ساٿي هئي، جنهن کيس هميشه همٿايو ۽ ڪڏهن پريشان ٿيڻ نه ڏنو، پير مظهر چواڻي ته جيڪڏهن ادي حميده نه هجي ها ته شيخ عزيز هيڏا وڏا ڪم سرانجام نه ڏئي سگهي ها، شيخ عزيز 7 آڪٽوبر 2018ع ۾ هي فاني جهان ڇڏي ويو، سندس آخري آرامگاهه پهلوان ڳوٺ ڪراچي ۾ آهي.