122

وڌندڙ واپاري خسارو ۽ معيشت جي بهتري جون دعوائون…

ايڊيٽوريل

ملڪ جو واپاري خسارو هڪ سيڪڙو واڌ سان 11.1 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي، ملڪ جي شماريات کاتي پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جولاءِ کان سيپٽمبر تائين ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ جو فرق 11.7 ارب ڊالرن تائين پهتو آهي، اداري پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته گذريل مالي سال ڄاڻايل عرصي ۾ واپاري خسارو 5.9 ارب ڊالر آهي، پر هڪ سال اندر خساري ۾ 100 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين واپاري خسارو مقرر ڪيل هدف 28.4 ارب ڊالرن کان مٿي هليو ويندو، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته امپورٽ 65 سيڪڙو واڌ 18.6 ارب ڊالر رهي آهي، ڪاٿي ۾ 7.3 ارب ڊالرن جي واڌ ٿي آهي، اهي انگ اکر وفاقي حڪومت جي اداري جا آهن، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسان پنهنجي شين تي ڀاڙڻ بدران هاڻ هر شيءِ ٻاهران گهرائي رهيا آهيون، هڪ زرعي ملڪ هجڻ جي ناتي پاڪستان ۾ ڪپهه، ڪڻڪ، ڪمند سميت دالين ۽ ٻين فصلن تي ڌيان نه ڏيڻ، هارين ۽ آبادگارن سان جنسن جي اگهن سميت ٻين معاملن تي ٿيندڙ زيادتين کانپوءِ آهستي آهستي ملڪ جي زرعي پيداوار گهٽجي رهي آهي، جڏهن ته جيڪي شيون موجود آهن مثال طور کنڊ ۽ ڪڻڪ اهي يا ته اسمگل ٿين ٿيون يا ته وري فصلن جي سيزن دوران حڪومتي ادارا صحيح نموني سان ڪڻڪ خريد نٿا ڪن، جڏهن ته کنڊ پڻ ملن ۾ اسٽاڪ جي صورت ۾ موجود آهي پر حڪومت مافياز آڏو بيوس آهي، ڇو ته هر حڪومت ۾ شگر ملن جا مالڪ ويٺل آهن، موجوده حڪومت پڻ کنڊ تي ڪروڙين رپين جي سبسڊي ڏيڻ ۽ مل مالڪن کي هر طرح سان راضي رکڻ جي ڪوششن باوجود ان جي اگهن تي ضابطو نه آڻي سگهي ۽ مٿان وري بيوروڪريسي جو ڪمال اهو رهيو ته جڏهن ٻاهران جنسون سستيون مليون پئي ان وقت نه ورتيون ويون، جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ انهن جا اگهه وڌيا ته پوءِ پاڪستان ۾ به اهي گهرايون ويون، جنهن جي نتيجي ۾ اهي پاڪستان تائين پهچندي ايتريون مهانگيون ٿيون، جنهن جو اندازو نٿو لڳائي سگهجي، اقتصاديات جا ماهر ان حوالي سان جيڪي انگ اکر ڏئي رهيا آهن اهي يقينن ڇرڪائيندڙ آهن، اهو به خدشو ڏيکاريو پيو وڃي ته پاڪستان فوڊ سيڪيورٽي جو شڪار ٿيندو پيو وڃي، جيڪڏهن اهڙي صورتحال ٿي ته موجوده معاشي صورتحال ان جو مقابلو نه ڪري سگهندي، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت ملڪ جي سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي هڪ اهڙي زرعي دوست پاليسي جوڙي جنهن سان اسان وٽ پنهنجون شيون ۽ پنهنجون جنسون تيار ٿي سگهن ۽ اسان ٻاهران شيون گهرائڻ بدران پنهنجون شيون نه صرف پنهنجي ضرورتن جي لاءِ ڪتب آڻيون پر اهي ٻاهر وڪڻي ناڻو پڻ ڪمايون، ان جي لاءِ ضروري اهو آهي ته سڀ کان پهريان ملڪ ۾ پاڻي جي ورهاست جو نظام درست ڪيو وڃي، ڇو ته موجوده حڪومت جي ٽن سالن دوران سمورن آئيني ۽ قانوني ٺاهن جي هوندي به سنڌ کي گهٽ پاڻي ڏنو ويو آهي، جنهن سان صوبي اندر فصلن جي پيداوار کي سخت نقصان رسيو آهي، اڳ جيڪو سنڌ صوبو بمپر فصل ڏيندو هو ۽ اهي اسٽاڪ جي صورت ۾ موجود هوندا هئا، هاڻ نه آهن، جيڪڏهن اها صورتحال رهي ته يقينن اسان گهربل هدف حاصل نه ڪري سگهنداسين، جڏهن ته ان کان به اهم آبادگارن ۽ هارين لاءِ آسانيون ۽ سهولتون آهن، انهن ڳالهين تي عمل سان اسين اهڙن خسارن کان بچي سگهون ٿا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو