100

جيڪڏهن اٽو ۽ کنڊ مهانگي آهي ته ان جو استعمال گهٽ ڪيو:علي امين گنڊاپور

آزاد ڪشمير (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير علي امين گنڊاپور جو مهانگائي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ عوام کي مشورو، آزاد ڪشمير ۾ جلسي کي خطاب ڪندي علي امين گنڊاپور چيو ته جيڪڏهن اٽو ۽ کنڊ مهانگي آهي ته ان جو استعمال گهٽ ڪيو وڃي، هن چيو ته اسان جي وڏن قربانيون ڏئي آزاد ملڪ ٺاهيو پر حڪمرانن قرض وٺي ان کي قرضي بڻائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن چانهه ۾ کنڊ سئو داڻن بدران 9 گهٽ ڪيا وڃن ته ان سان چانهه گهڻي مٺي نه ٿيندي ۽ ماني جي سئو گرهه مان ڇا قوم جي لاءِ 9 گرهه گهٽ نٿا ڪري سگهجن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو