105

نور مقدم قتل ڪيس: جوابدارن تي 14 آڪٽوبر تي فرد جرم لاڳو ٿيندو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نور مقدم قتل ڪيس: جوابدارن تي 14 آڪٽوبر تي فرد جرم لاڳو ٿيندو، اسلام آباد جي سيشن ڪورٽ ۾ نور مقدم قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جوابدار ظاهر جعفر سميت 6 جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، نور مقدم قتل ڪيس ۾ فرد جرم لاءِ 14 آڪٽوبر جي تاريخ ايڊيشنل سيشن جج عطا رباني مقرر ڪئي، جڏهن ته عدالت جوابدارن کي ڊيجيٽل ثبوت جي ڪاپي مهيا ڪرڻ واري درخواست به خارج ڪري ڇڏي، عدالت ۾ جوابدار ظاهر جعفر استدا ڪئي ته روسٽرم تي اچي ڳالهائڻ چاهيان ٿو، جنهن تي عدالت چيو ته هاڻي ضرورت ناهي، ٽرائل ۾ توهان کي ٻڌنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو