اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ تعليمي ادارا 11 آڪٽوبر کان معمول موجب کولڻ جو فيصلو، پاڪستان ۾ ڪورونا صورتحال کي نظر ۾ رکندي اين سي او سي تعليمي ادارا 11 آڪٽوبر کان معمول موجب کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ اين سي او سي سربراهه اسد عمر ٽيوٽ ڪندي چيو ته 11 آڪٽوبر کان تعليمي ادارا معمول مطابق کلي ويندي. هن چيو ته ڪورونا جو ڦهلاءُ گهٽ ٿيڻ سبب اين سي او سي تعليمي ادارن کي کولڻ جو فيصلو ڪيو، 11آڪٽوبر کان تعليمي ادارا معمول موجب کلي ويندا،ايس او پيز تي عمل لازمي هوندو، وفاقي وزير چيو ته صوبائي ۽ ضلعي سطح تي مانيٽرنگ ٽيمون ايس او پيز تي عمل درآمد يقيني بڻائينديون، جڏهن ته ڪنهن به ٻار کي کنگهه يا بيماري جي نشاني ظاهر ٿئي ته والدين ان کي اسڪول نه موڪلن وڌيڪ طبيعت خراب ٿئي ته ان جي ٽيسٽ ڪرائي وڃي ۽ ٽيسٽ مثبت اچڻ تي فوري اسڪول انتظاميا کي آگاهه ڪيو وڃي، ڪنهن به شخص کي گرمي پد چيڪ ڪرڻ بغير اسڪولي ادارن ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ٻار ڪنهن سان به هٿ نه ملائيندا نه ئي اسڪول ۾ راند ڪري سگهندا، تعليم کاتي جون ٽيمون اسڪولن جو دورو ڪنديون ۽ ايس او پيز تي عمل درآمد ڪرائڻ جو جائزو وٺندي.
140