اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل پينڊورا ليڪس بابت وزيراعظم عمران خان کي خط لکي ڇڏيو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته پينڊورا ليڪس ۾ 700 پاڪستانين ۽ پاناما پيپرز ۾ 4500 پاڪستانين جا نالا آيا هئا، سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ليڪس بابت ڪيتريون ئي پٽيشنس داخل ٿيون، ايس اي سي پي، اسٽيٽ بئنڪ، ايف بي آر ۽ ايف آءِ اي به جاچ ڪئي، سپريم ڪورٽ ڪجهه پاڪستانين بابت نوٽيس ورتو، خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ليڪس ۾ شامل ماڻهن جي آف شور ڪمپنين ۾ سيڙپ جي طريقيڪار جي جاچ ڪرائي وڃي، خط ۾ پاناما ۽ پينڊورا ليڪس ۾ شامل ماڻهن جا اثاثا ضبط ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ويو آهي ته ايف بي آر پاناما ۽ پينڊورا ليڪس ۾ شامل ماڻهن جا اثاثا منجمند ڪري.
119