116

نيب مڪيش ڪمار چاولا جي اثاثن جي ڇنڊ ڇاڻ شروع ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مڪيش ڪمار چاولا جي اثاثن جي ڇنڊ ڇاڻ شروع ڪندي ايس اي سي پي کان صوبائي وزير جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو، قومي احتساب بيورو (نيب) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ مڪيش ڪمار چاولا جي اثاثن جي ڇنڊ ڇاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، نيب ايس اي سي پي کان پيپلز پارٽي جي صوبائي وزير جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو، جڏهن ته مڪيش ڪمار چاولا کانسواءِ هن جي مبينا فرنٽ مين جو به رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته پرائيويٽ شخص حسن علي شريف خلاف انڪوائري جاري آهي، صوبائي وزير ۽ سندس گھرڀاتين جا سمورا تفصيل طلب ڪيا ويا آهنم، نيب جو چوڻ آهي ته مڪيش ڪمار چاولا ۽ سندس گھرڀاتين جي نالي تي جيڪي ڪمپنيز يا شيئر هولڊرز آهن تفصيل فراهم ڪيا وڃن، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊمن ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن وحيد شيخ ۽ ان جي گھرڀاتين جو رڪارڊ فراهم ڪيو وڃي، ان کانسواءِ حسن علي ۽ شوڪت امان بابت به تفصيل فراهم ڪيا وڃن، ايس اي سي پي نيب کي مڪيش ڪمار جي مبينا فرنٽ مين جو رڪارڊ فراهم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کان پوءِ نيب طرفان وڌيڪ رڪارڊ جي ڇنڊ ڇاڻ به شروع ڪئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو