ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي سبب گھٽ ۾ گھٽ 20 ڄڻا فوت ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. بلوچستان جي مختلف علائقن ڪوئٽا، سبي، هرنائي، پشين، قلعا سيف الله، چمن، زيارت ۽ زوب سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ رات جو 3 لڳي 2 منٽن تي زلزلو آيو. زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب زلزلي جو زور 5.9 رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته زلزلي جو مرڪز هرنائي کان 15 ڪلوميٽر پري رڪارڊ ڪيو ويو . پرونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) بلوچستان جو چوڻ آهي ته زلزلي سبب ڊهي پيل گھرن هيٺان دٻجي 20 ڄڻا فوت ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. زلزلي سبب زخمين ٿيل ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي جڏهن ته ڏورانهن علائقن ۾ زخمي ٿيلن کي هيلي ڪاپٽر ذريعي ڪوئٽا جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي ۽ ڪوئٽا جي سول اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر هرنائي جو چوڻ هو ته هرنائي ۾ ڪيترين ئي عمارتن کي نقصان پهتو آهي جڏهن ته ملبي هيٺ ڪيترائي ماڻهو دٻيل آهن ۽ علائقي ۾ بجلي جي فراهمي به معطل ٿي وئي آهي. بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جي ڪري جابلو ڇپون ڪرڻ سبب ڪيترا ئي رستا به بند ٿي ويا آهن، هرنائي سنجاوي روڊ جي بحالي لاءِ ليويز اهلڪار امدادي ڪارروائين ۾ مصرورف آهن جڏهن ته لورالئي هرنائي شاهراهه به بند ٿي وئي آهي جنهن سبب هرنائي ۾ اڄ تعليمي ادارا بند آهن. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز جا جوان زلزلي متاثر علائقي هرنائي پهچي ويا آهن، زلزلي متاثر آبادي لاءِ ضروري خوراڪ ۽ عارضي پناهگاهون منتقل ڪيون ويون آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته آرمي جا ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ضروري دوائن سان گڏ سول انتظاميه جي مدد ڪري رهيو آهي، 9 سخت زخمين کي پاڪ فوج جي ايوي ايشن هيلي ڪاپٽر ذريعي ڪوئٽا پهچايو ويو. آءِ ايس پي آر موجب جي ايف سي نارٿ بلوچستان نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ هرنائي پهچي ويو آهي جڏهن ته اربن ريسرچ ۽ ريسڪيو ٽيم کي راولپنڊي کان روانو ڪيو پيو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر موجب ليويوز ۽ ريسڪيو ٽيمون ماڻهن جي مدد لاءِ روانو ٿي ويون آهن ۽ ماڻهن کي هيلي ڪاپٽر جي مدد سان محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو پيو وڃي. ريسڪيو ذريعن موجب هرنائي ۾ 70 کان وڌيڪ گھر ڊهي پيا آهن. ان کان اڳ بلوچستان جي گھرو وزير ضياءَ لانگو چيو ته پي ڊي ايم اي ڪوئٽا کان هيوي مشينري ۽ ريسڪيو ٽيمون روانو ڪري ڇڏيون آهن. سندس چوڻ هو ته زيارت، قلعه سيف الله ۽ سبي ۾ به نقصان جا اطلاع آهن جڏهن ته زلزلي سبب سڀ کان وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان هرنائي ۾ ٿيو آهي. ضياءَ لانگو موجب اڃا به ڪافي ماڻهو زلزلي سبب ڊهي پيل عمارتن جي هيٺ دٻيل آهن جن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي. ٻي پاسي بلوچستان جي ضلعي هرنائي ۾ زلزلي سبب ٿيندڙ تباهي تي وزيراعظم عمران خان ۽ٻين سياسي شخصيتن ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان ٽوٽر تي لکيو آهي ته مون هرنائي جي زلزلي متاثرين جي تڪڙي امداد جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته زلزلي ۾ ٿيل نقصان جا تفصيل به طلب ڪري ورتا آهن. هن چيو ته زلزلي ۾ ٿيلجاني نقصان تي فوت ٿي ويلن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪريان ٿو. زلزلي سبب ٿيندڙ نقصان ۽ موجوده صورتحال جي شروعاتي رپورٽ وزيراعظم آفيس کي ملي وئي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي به بلوچستان زلزلي تي ڏک جو اظهار ڪيو .قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف بلوچستان زلزلي ۾ ٿيل جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت امدادي ڪارروائين ۾ بهتر ڪردار ادا ڪري. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به بلوچستان زلزلي ۾ جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون امدادي سرگرمين جي لاءِ قدم کڻن ۽ فوت ٿي ويلن جي وارثن کي معاوضو ڏنو وڃي.
105