اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته نيب آرڊينس ۾ ترميم ضرور ٿيندي ۽ اهو آرڊيننس اين آر او نه آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته نيب آرڊيننس ۾ ترميم ڇو نه ٿيندي؟ اهو آرڊيننس نيب کي ان پاسي ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش آهي جنهن مقصد لاءِ نيب کي ٺاهيو ويو. هن چيو ته هي آرڊيننس ڪو اين آر او نه آهي، پوري قوم ۾ اها ئي پريشاني آهي ته ڪيس هلندا رهندا آهن پر اهي ڪڏهن به پنهنجي انجام تي نٿا پهچن. اسد عمر چيو ته ايف آءِ اي ۽ اينٽي ڪرپشن جهڙا ادارا ته اڳ به هئا پر اهي سمورا ادارا حڪومت جي ماتحت هئا. جڏهن ته نيب ان لاءِ ٺاهيو هو ته هي هڪ آزاد ادارو هجي جيڪو حڪومت تي چيڪ اينڊ بيلنس رکي سگهي. اوهان ان کي هائوسنگ اٿارٽيز جي پاڻ ۾ ٿيندڙ جهيڙن ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
