ملير (ويب ڊيسڪ) قائدآباد لڳ ٽائر ٺاهيندڙ فيڪٽري جنرل ٽائر جي هڪ حصي کي صبح جو اچتو باهه لڳي وئي، هر طرف پورهيتن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، فيڪٽري ۾ دوهن ڀرجي وڃڻ سبب ڪيترائي پورهيت ساهه گهٽجڻ سبب بيهوش ٿي ويا، جن مان هڪ پورهيت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سوشل سيڪيورٽي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جيڪو علاج دوران فوت ٿي ويو، اطلاع تي ر فائر برگيڊ جي عملي پهچي باھ وسائي، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ واري واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.
149