اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت قومي اسيمبلي جو اجلاس 22 آڪٽوبر تي گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. پارلياماني معاملن بابت وزارت سمري صدر کي موڪلي ڇڏي آهي. اجلاس 22 آڪٽوبر تي جمع جي ڏينهن صبح جو ساڍي 10 وڳي طلب ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ پارلياماني معاملن بابت عمران خان جي صلاحڪار بابر اعواڻ جي اسپيڪر هائوس ۾ ملاقات ٿي، ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جو اجلاس گھرائڻ تي تفصيلي صلاح مشورو ڪيو ويندو.ملاقات دوران قانون سازي ۽ رياستي معاملا اڪلائڻ لاءِ اجلاس طلب ڪرڻ تي اتفاق ٿيو، پارلياماني معاملن بابت وزير اعظم جي صلاحڪار چيو ته حڪومت عوامي ۽ ملڪي مفاد جي قانون سازي ۾ ڪنهن به قسم جي دير نه ٿيڻ گھرجي، وزيراعظم جي هدايت تي قانون سازي جو عمل تيز ڪيوويو آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته اميد آهي ته سڀ جماعتون قانون سازي لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪنديون ۽ڪوشش هوندي ته ايوان جو ماحول متاثر ٿيڻ کانسواءِ قانون سازي عمل کي اڳتي وڌايو وڃي.
136