99

تنقيد ڪندڙن جون اڪثر تجويزون نيب آرڊيننس ۾ شامل آهن: وفاقي وزير فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اپوزيشن روئيندڙ ٻارن جو ميڙ آهي، جنهن جو ڪم رڳو روئڻ آهي، وزيراعظم جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته نيب آرڊيننس تي تنقيد ڪندڙن جون اڪثر تجويزون ان ئي آرڊيننس ۾ شامل آهن، ڪنهن کي اعتراض آهي ته پارليامينٽ ۾ آڻي، پي ٽي آءِ ان نيب آرڊيننس جي پويان بيٺي آهي، هن چيو ته انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ طرفان سيريز نه کيڏڻ تي سڄي دنيا پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي، جنهن تي اسان حمايت ڪندڙن جا ٿورائتا آهيون، ڀارت ان دوري کي ناڪام بڻائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، اڄ نيوزيلينڊ به پاڪستان اچڻ چاهي ٿي ۽ انگلينڊ به سيريز ڪنفرم ڪري ڇڏي آهي، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته وزيراعظم آچر تي سيرت ڪانفرنس سان خطاب ڪندو ۽ رحمت اللعالمين صه ڏهاڪي جو افتتاح ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو