100

عوام جي خدمت تي يقين رکون ٿا، اهو سفر جاري رهندو: بيريسٽر مرتضٰي وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ايڊمنٽسٽريٽر، قانون کاتي جي صلاحڪار ۽ ترجمان سنڌ حڪومت بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو آهي ته سائيٽ جي صنعتي علائقن ۾ غني چورنگي کان پنج ڪلو ميٽر روڊ جي تعمير جو ڪم شروع ٿي ويو آهي، اهو روڊ سائيٽ صنعتي علائقن کي حب ريورڊ روڊ سان ملائيندو. اهو روڊ تباهه حالت ۾ هو ان جي تعمير سان سائيٽ ۽ ڪيماڙي جي صنعتڪارن ۽ عام شهرين کي گهڻو فائدو ٿيندو، اها ڳالهه هن ڪالهه سائٽ صنعتي علائقي ۾ روڊ جي تعمير جي ڪم جو معائنو ڪندي چئي، وڏي وزير جو خاص معاون آصف خان ۽ علي احمد جان پڻ ان موقعي تي ساڻس گڏ هئا، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بيرسٽر مرتضٰي وهاب چيو ته برساتن جو سلسلو ختم ٿيندي ئي هن روڊ جي تعمير جو ڪم شروع ٿي ويو هو جنهن کي اڳلي پنج ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، هن روڊ جي تعمير هن علائقي جو هڪ  پراڻو ۽ وڏو مسئلو هو ۽ صنعتڪار برداري ۽ عام شهرين جو پڻ اهو مطالبو هو ته ان کي جلد کان جلد تعمير ڪيو وڃي، بلديه عظميٰ ڪراچي جي تحت هن صنعتي علائقي ۾ وڌيڪ 14 روڊن جي تعمير جو ڪم جاري آهي جنهن جي تفصيل جلد سامهون اچي ويندي، هن چيو ته انهن ڪمن جو مقصد هن علائقي ۾ بهتري آڻڻ آهي ڇوته صنعتي علائقن سان لکين ماڻهن جو روزگار لاڳاپيل آهي ۽ وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي روزانو اچ وڃ جاري هوندي آهي، هن چيو ته انهن علائقن سان صنعتي ڪاروباري سرگرمين ۾ پڻ اضافو ٿيندو، ڪراچي جي سمورن صنعتي زونز ۾ بنيادي انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻايو ويندو، روڊن سان گڏ گرين بيلٽس ۾ وڻڪاري ڪئي ويندي ۽ چورنگين کي خوبصورت بڻايو ويندو، تعميراتي ڪمن ۾ ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو ويندو ته ٿيڻ وارا ڪم پائيدار ثابت ٿين ۽ عوام گهڻي عرصي تائين ان مان فائدو وٺندا رهن، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو ته اسان عوام جي خدمت تي يقين رکندا آهيون، پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جو عوامي خدمت جو اهو سفر جاري رهندو ۽ اسان شهرين کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪندا رهنداسين.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو