116

سال جي پڄاڻي کان پهرين سنڌ انساني حقن جي پاليسي جو اعلان ڪبو: سريندر ولاسائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وزير اعليٰ سنڌ جي هيومن رائيٽس بابت خاص مددگار سُريندر ولاسائي چيو آهي ته سال 2021 جي پڄاڻي کان پهرين جامع سنڌ انساني حقن جي پاليسي جو اعلان ڪيو ويندو، ان سلسلي ۾ سمورن اسٽيڪ هولڊرز سول سوسائٽي ۽ سرڪاري ادارن سان مشاورت جو عمل جاري آهي. اها ڳالھه هن حقوق پاڪستان جي هڪ وفد سان پنهنجي آفيس ۾ ملاقات جي دوران ڪئي. واضع رهي ته حقوق پاڪستان، يورپي يونين ۽ انساني حقن واري کاتي جو گڏيل منصوبو آهي. وفد علي ديان حسن جي قيادت ۾ وزير اعليٰ جي خاص مددگار سريندر ولاسائي سان ملاقات ڪئي ۽ پاليسي جي اهم نڪتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي انساني حقن جي کاتي جو سيڪريٽري جاويد صبغت الله مهر ۽ کاتي جا ٻيا عملدار به موجود هئا. سريند ولاسائي چيو ته سنڌ هيومن رائيٽس پاليسي پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ جي هدايتن جي مطابق صوبي ۾انساني حقن جي سمورن رخن تي ٻڌل هڪ جامع دستاويز هوندي. هن چيو ته هر شهري جي انساني حقن جو تحفظ دنيا جي هر رياست جي ذميواري آهي جڏهن ته سنڌ جو انساني حقن وارو کاتو صوبائي حڪومت وٽ موجود سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي عام شهرين جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائيندو. سريند ولاسائي وڌيڪ چيو ته ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته حقوق پاڪستان انساني حقن جي پاليسي جو مسودو تيار ڪرڻ ۾ سنڌ جي انساني حقن واري کاتي کي مدد فراهم ڪندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو