ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صحت ۽ آبادي جي ڀلائي وارن کاتن جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو سنڌ بلڊ ٽرانسفيوزن اٿارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته صوبي ۾ رت جي منتقلي جي لاءِ اسڪريننگ جي نظام تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي جڏهن ته اسڪريننگ جي نتيجن جو ڊيش بورڊ به جوڙيو وڃي ته جيئن رت جي منتقلي سان پيدا ٿيندڙ بيمارين کي روڪي سگھجي. اها ڳالھ هن ڪالهه پنهنجي آفيس ۾ سنڌ بلڊ ٽرانسفيوزن اٿارٽي جي منعقد ڪيل بورڊ جي ٽئين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. ان موقعي تي سنڌ بلڊ ٽرانسفيوزن اٿارٽي ( ايس بي ٽي اي) جي سيڪريٽري ڊاڪٽر زاهد حسين انصاري، ڊائريڪٽر ايس بي ٽي اي ڊاڪٽر در ناز جمال ۽ ٻين بورڊ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ايس بي ٽِي اي جي اجلاس ۾ آگاهي ڏني وئي ته سنڌ ۾ ڪل 427 ننڍا وڏا بلڊ بينڪ ڪم ڪري رهيا آهن جن مان پبلڪ سيڪٽر ۾ 46، پرائيويٽ سيڪٽر ۾ 281 جڏهن ته 100 مختلف اين جي اوز جي انتظام هيٺ ڪم ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه 142 نون بلڊ بينڪ جي رجسٽريشن کان پوءِ انهن کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. اجلاس ۾ اها به آگاهي ڏني وئي ته سنڌ ۾ 243 بلڊ بينڪن کي ناقص انتظامن جن ۾ مدي خارج ۽ غير محفوظ رت فراهم ڪرڻ جهڙي شڪايتن تي ڪارروائي بعد سيل ڪري ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي. اجلاس جي دوران اهو به ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ هلندڙ سال جنوري 2021 کان آگسٽ 2021 تائين 4 لک 55 هزار 742 رت جي نمونن جي اسڪريننگ کان پوءِ 24088 يعني 5.28 سيڪڙو رت جي نمونن ۾ مختلف بيمارين جي نشاندهي ٿي ان موقعي تي صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو هدايت ڪئي ته رت جي منتقلي دوران اسڪريننگ جي نتيجي ۾ بيماري ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ رت عطيو ڪندڙن کي آگاھ ڪيو وڃي جڏهن ته ان کان علاوه ايڇ آئي وي ايڊز جهڙين بيمارين جا نتيجا مثبت اچڻ جي صورت ۾ ايڇ آئي وي ڪنٽرول پروگرام کي به آگاھ ڪيو وڃي ته جيئن اهڙن مريضن جي علاج سان گڏوگڏ مرض جي پکيڙ کي به روڪي سگھجي. صحت واري صوبائي وزير هدايت ڪئي ته هيموفيليا ۽ ٿيليسيميا جي مريضن ۾ رت جي منتقلي جي دوران سمورن ضروري اُپائن کي پورو ڪيو وڃي جڏهن ته ٿيليسيميا جي مريضن جي لاءِ آئرن چيليٽنگ جي عمل کي به پورو ڪيو وڃي ته جيئن مريض کي ڪنهن به قسم جي مضر اثرن کان بچائي سگھجي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ چار بلڊ سينٽرز تان مفت ۽ محفوظ رت جي فراهمي جاري آهي جنهن ۾ آر بي سي ڄامشورو، آر بي سي سکر، آر بي سي شهيد بينظيرآباد ۽ آر بي سي ڪراچي شامل آهن. جڏهن ته 13 هاسپٽل بيسڊ بلڊ بينڪ ريجنل بلڊ بينڪ سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ايس بي ٽي اي کي هدايتون ڏنيون ته ريجنل بلڊ بينڪ مان اسپتالن کي رت جي منتقلي جي لاءِ ڪولڊ چين کي برقرار رکيو وڃي جڏهن ته ايمرجنسي جي صورت ۾ بلڊ بينڪ ۾ رت جي اسڪريننگ جي لاءِ اسٽينڊرڊ ريپڊ ڪٽس به مهيا ڪيون وڃن. جڏهن ته عملي جي تربيت ۽ ٻين اُپائن جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي ان موقعي تي صحت واري وزير 15نون بلڊ بينڪس جي نمائندن ۾ رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ به ورهايا.
127