142

همراهه زال کي سالگرهه تي 6 ڪروڙ جي گاڏي تحفي ۾ ڏني!!

دبئي (ويب ڊيسڪ) دبئي ۾ همراهه زال کي خوش ڪرڻ لاءِ پاڪستاني 6 ڪروڙ 90 لک جي قيمتي گاڏي شادي جي سالگرهه تي تحفي ۾ ڏئي سوشل ميڊيا صارفين توڙي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، دبئي ۾ رهندڙ ڀارتي بزنس مين امجد گهرواري مرجانا کي سالگرهه تي رولز رائس قيمتي ڪار جو تحفو ڏنو، خليج ٽائيمز مطابق امجد ستاره بي سي سي ڪنٽريڪٽ فرم جو مالڪ ۽ سندس گهرواري مرجانا ان ۾ سي او طور ڪم ڪندي آهي، جوڙي کي ڪجهه ڏينهن اڳ پٽ جو اولاد پڻ ٿيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو