130

شاهه رخ خان پٽ جي گرفتاري تي بيحد پريشان

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ خان شاهه رخ خان پنهنجي پٽ آريان خان جي گرفتاري تي بيحد پريشان آهي، ڀارتي ميڊيا مطابق شاهه رخ خان رات جو سمهڻ توڙي ماني کائڻ به گهٽائي ڇڏي آهي، هن کي وڌ کان وڌ پنهنجي پٽ جي گهر اچڻ جو انتظار آهي، جنهن وقت آريان خان گرفتار ٿيو ان وقت شاهه رخ خان فلم جي شوٽنگ ڪري رهيو هو، ڪنگ خان پنهنجو ذاتي موبائيل به بند ڪري ڇڏيو آهي، ڇو ته هو ڪنهن سان به ڳالهائڻ جي حالت ۾ ناهي، هن وقت صرف پنهنجي وڪيلن ۽ اندسٽري جي ڪجهه ويجهن دوست سان رابطي ۾ آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو