110

حڪومت پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ نيب آرڊيننس آڻي پاڻ کي ئي اين آر او ڏنو آهي: مسلم ليگ ن

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ)  اڳوڻي وزير اعظم ۽ ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ نيب آرڊيننس آڻي پاڻ کي ئي اين آر او ڏنو آهي. اسلام آباد ۾ ليگي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن وڌيڪ چيو ته  ان آرڊيننس سان حڪومت عدليا جي آزادي تي ڌاڙو هڻڻ ۽ من پسند فيصلا حاصل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي، ججن جي مقرر ٿيڻ، عدالتون ٺهڻ، ڪيسن جي منتقلي سڀ اختيار حڪومت وٽ هليا ويا آهن، رٽائر ججن کي احتساب عدالت جو جج مقرر ڪيو ويندو ۽ هو هاءِ ڪورٽ جي جج جيتري پگھار حاصل ڪري سگھندا. شاهد خاقان عباسي ٻڌايو ته ان جو دنيا ۾ ڪو به مثال نٿو ملي، اوهان انهن ماڻهن کي جج لڳائڻ چاهيو ٿا جن کان اوهان مرضي جا فيصلا ڪرائي سگھو. هن چيو ته آرڊيننس حڪومت جي ڪرپشن کي لڪائڻ لاءِ آهي. ان آرڊيننس سان حڪومت پاڻ لاءِ اين آر او جاري ڪيو آهي، ڪابينا جي فيصلي تي ڪا به پڇا ڳاڇا نٿي ٿي سگھي. کنڊ، ڪڻڪ جي چوري دوائن جي اسڪينڊل تي ڪو به سوال نٿو ٿي سگھي. شاهد خاقان عباسي چيو ته ان ۾ عجيب ڳالهه اها آهي ته ٽيڪس جي چوري تي نيب سوال نٿو ڪري سگھي يعني جن 700 ڄڻن جا نالا پينڊورا ليڪس ۾ آيا آهن نيب انهن کان سوال نٿو ڪري سگھي. بي پاسي اپوزيشن قومي اسيمبلي ۾ نيب آرڊيننس تي بحث لاءِ ريڪوزيشن جمع ڪرائي ڇڏي آهي. اپوزيشن جي ريڪوزيشن ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ نيب آرڊيننس کي بحث هيٺ آندو وڃي ۽ حڪومت طرفان نيب چيئرمين جي مقرري تي مشاورت نه ڪرڻ تي غور ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو