122

بورڊ آف روينيو سزا آيل 6 مختيارڪارن سميت 15 عملدارن کي عهدن کان هٽائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بورڊ آف روينيو جي اختيارين نيب ڪورٽن مان مختلف ڪيسن ۾ سزا ٻڌايل 6 مختيارڪارن سميت 15 عملدارن ۽ ملازمن کي عهدن تان هٽائي ڇڏيو. گذريل ڏهاڙي سينئر ميمبر بورڊ آف ريونيو طرفان 15 ئي ملازمن جي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب سانگهڙ جي مختيارڪار عبدالرشيد ڪاڪا، جيڪب آباد جي غلام عباس سڌايو، لکي جي عبدالحميد ڪٽو کي عهدن تان هٽايو ويو آهي، ملير ڊي سي آفيس ۾ مقرر مختيار ڪار هيڊ ڪوارٽر ممتاز علي چنا کي پڻ عهدن تان هٽايو ويو آهي، جڏهن ته گرفتار ۽ معطل ٿيل مختيارڪار اسد الله سولنگي ۽ علي اڪبر پنهيار جا نالا پڻ شامل آهن، ان کان علاوه ڪورنگي ۾ مقرر سب رجسٽرار عبدالجبار شيخ، ڪلفٽن سب رجسٽرار آفيس ۾ مقرر ٿيل جونيئر ڪلارڪ شڪيل احمد ميمڻ ۽ گرفتار ٿيل الهه ڏنو ملاح کي پڻ عهدي تان هٽايو ويو آهي، جڏهن ته ملير ڊي سي آفيس ۾ مقرر ٿيل تپيدار غلام سرور ڪلادي، مقرري جي انتظار ۾ ويٺل تپيدار اعجاز احمد سپيو، ڊي سي اولهه جي آفيس ۾ مقرر ٿيل تيپدار مير برڪت علي ٽالپر، ڊي سي جيڪب آباد ۾ جي آفيسر ۾ مقرر تپيدار غلام ياسين، ڊي سي ڄامشورو جي آفيس ۾ مقرر ٿيل تپيدار عبدالعزيز سومرو کي به هٽايو ويو آهي، واضح رهي ته روينيو کاتي جي انهن آفيسرن ۽ ملازمن کي مختلف هنڌن تي زمينن جي رڪارڊ ۾ ڦير ڦار ۽ ڪرپشن ڪرڻ تي سزا ٻڌايل آهي، عدالت طرفان سنڌ سرڪار کي انهن آفيسرن کي عهدن تان هٽائڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، جنهن بعد هڪ ڏينهن اڳ سروسز کاتي جي ليٽر لکڻ کانپوءِ ڪالهه سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو جي هدايت تي اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب اهڙي رپورٽ اڄ عدالت ۾ جمع ڪرائي ويندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو