136

نيب ڪيسن کي منهن ڏيندڙ هٽايل آفيسرن جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب ڪيسن کي منهن ڏيندڙ آفيسرن بابت نيب پاران پيش ڪيل رپورٽ کي عدالتي رڪارڊ جو حصو بڻائيندي سنڌ حڪومت کي نيب ڪيسن کي منهن ڏيندڙ سمورن هٽايل آفيسرن جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه نيب ڪيسن کي منهن ڏيندڙ آفيسرن کي هٽائڻ بابت اياز ميمڻ پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. عدالت چيو ته سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ صوبائي کاتن جا سمورا سيڪريٽري گذريل عدالتي حڪمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين. عدالت چيو ته جيڪڏهن عدالتي حڪمن تي عملدرآمد نه ڪيو ويو ته توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي. عدالت چيو ته آئينده جيڪڏهن ڪنهن نيب ڪيس کي منهن ڏيندڙ آفيسر کي پوسٽنگ ڏني وئي ته اها توهين عدالت هوندي. ان حوالي سان نيب آرڊيننس کي چئلينج ڪيل سيڪشنز بابت درخواستون سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن. عدالت چيو ته جيستائين سپريم ڪورٽ جو ڪو فيصلو نٿو اچي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. ياد رهي ته عدالت گذريل سال نيب ڪيسن کي منهن ڏيندڙ آفيسرن کي پوسٽنگ نه ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو