اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي سلامتي ڪاميٽي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته عالمي برادري افغانستان ۾ انساني بحران کان بچڻ لاءِ قدم کڻي، ان سلسلي ۾ هنگامي اپاءُ ورتا وڃن، دنيا جي ڀرپور ۽ فوري ڪردار تي پڻ زور ڏنو ويو، پرامن مستحڪم ۽ خدمختار افغانستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو، رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٽنهي هٿياربند فوجين جا سربراهه، ڊي جي آءِ ايس آءِ، پرڏيهي وزير، گهرو وزير، دفاع وارو وزير، ناڻي وارو وزير ۽ قومي سلامتي بابت صلاحڪار شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ خطي جي مجموعي صورتحال ۽ ٻين اهم معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو افغانستان ۾ تازي اڳڀرائي ۽ پاڪستان تي ان جي اثرن بابت بريفرنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ شريڪ ٿيلن افغانستان ۾عالمي برادري جي فوري ڪردار تي پڻ زور ڏنو، اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته عالمي برادري افغانستان ۾ انساني بحران کان بچڻ جي لاءِ مدد فراهم ڪري، قومي سلامتي ڪاميٽي جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ته خطي ۾ اڀرندڙ صورتحال انتهائي پيچيدا آهي، افغانستان ۾ ڪنهن به عدم استحڪام جا پاڪستان تي شديد اثر ٿي سگهن ٿا، وزيراعظم حڪومتي سطح تي افغانستان بابت ڪوششن تي سيل بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، سيل افغانستان لاءِ انساني امداد جي لاءِ عالمي رابطن ۾ ڪردار ادا ڪندو، اثرائتي بارڊر مينيجمينٽ ۽ ڪنهن به منفي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قيادت ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته قوم جي حمايت سان ملڪ کي درپيش سمورن چيلنجن جو مقابلو ڪيو ويندو.
117