ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ جمعي نماز دوران مسجد ۾ آپگهاتي حملو، 50 ڄڻا مارجي ويا، 90 زخمي، رپورٽ موجب افغانستان ۾ قندوز جي علائقي سعيد آباد جي مسجد ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو جمعي جي نماز ادا ڪري رهيا هئا ته زوردار آپگهاتي حملو ٿيو، ڌماڪي ۾ 50 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 90 ڄڻا زخمي ٿي پيا، لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته مختلف اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. مارجي ويلن جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، طالبان علائقي کي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو، جڏهن ته واقعي واري هنڌان شاهديون پڻ هٿ ڪيو ويون آهن، افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ پابندي مڙهيل تنظيم داعش لڳاتار حملا ڪري رهي هئي.
