ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب مان سزا مليل ۽ ضمانت تي آزاد آفيسرن ۽ ملازمن کي عهدن تان جلد هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، رپورٽ موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سرڪاري کاتن ۾ نيب جي سزا مليل آفيسرن جي مقرري خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، ايڊيشنل سيڪريٽري عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ 17 مختلف کاتن ۾ ڪرپٽ آفيسرن جي نشاندهي ٿي آهي، جنهن تي جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏيندي چيو ته آفيسر ڪرپشن ڪندي پڪڙجي پيا آهن، پوءِ به پنهنجو سرڪاري عهدو انجواءِ ڪري رهيا آهن؟، سزا مليل آفيسرن کي ان عهدن تي مقرر ڪرڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، وڏا آفيسر بد عنوان هوندا ته ننڍن تي ڪهڙو بيغام ويندو؟، نيب مان سزا مليل يا ضمانت تي آزاد سمورن ڪرپٽ آفيسرن ۽ ملازمن کي هٽايو وڃي، ڪابه پوسٽنگ نه ڏني وڃي. لاڳاپيل آفيسر ٻڌي ڇڏين ته اڳتي اهڙن ملازمن کي پوسٽنگ ڏني وئي ته چيف سيڪريٽري ۽ ٻين جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪنداسين.
