116

225 ارب جا وڌيڪ ٽيڪس معاشي تباهي آهي، آءِ ايم ايف جا شرط مڃيندڙ زندگي زهر ڪن پيا: شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته 225 ارب جا وڌيڪ ٽيڪس معاشي تباهي آهي، آءِ ايم ايف جا شرط مڃيندڙ زندگي زهر ڪن پيا، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ڪپهه ساڍا 15 هزار في چاليهه ڪلو بلند ترين سطح تي آهي، برآمد ڪندڙ ۽ ملون اڳ ۾ ئي پريشاني جو شڪار آهن، پاليسي ريٽ وڌائي حڪومت اڳ ۾ ئي پنهنجي بجيٽ تي يو ٽرن وٺي چيڪي آهي، مهانگائي جو سج غريبن کي تباهه ڪري پيو، هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف جا شرط مڃيندڙ حڪمران قوم کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن، عوام کان وات جو گرهه کسين پيا، صدارتي آرڊيننس ذريعي وڏي قانوني ترميم پارليامينٽ تي بي اعتمادي، غير آئيني ۽ غير جمهوري رويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو