سمندر گوپانگ (ويب ڊيسڪ) سمندر گوپانگ لڳ پيرسن جا قاتل پٽ ۽ زال نڪتا، گرفتار، ڏوهه جو اعتراف، ڪيس داخل، ان سلسلي ۾ گهر پنهنجا ۾ 5 ڏينهن اڳ گهر اندر گوليون هڻي قتل ڪيل رمضان ٿهيم جا قاتل زال درناز ۽ پٽ ميرل نڪتا، پوليس پاران مقتول جي زال ۽ پٽ کي گرفتار ڪرڻ بعد ٻنهي ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي، پوليس مطابق زال ۽ پٽ مقتول کي لالچ ۾ اچي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا، هوڏانهن مقتول جي مامي محمد خان ٿهيم جي فرياد تي درناز، ميرل عرف اصغر، مڪن ۽ جعفر لاشاري خلاف قتل جو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي، پوليس مطابق مقتول جي زال اعتراف ڪندي ٻڌايو آهي ته جعفر لاشاري ۽ مڪن لاشاري پٽ سان گڏجي منهنجي موجودگيءَ ۾ مڙس کي قتل ڪيو، غلطي ٿي وئي آهي، جڏهن ته سندس پٽ ميرل عرف اصغر ٿهيم ٻڌايو ته ٽريڪٽر جي قسط جي پئسن جي لالچ ۾ اچي سهري مڪن لاشاري ۽ جعفر لاشاري سان گڏجي پيءُ کي قتل ڪيو، اهي ٻئي ڀڄي ويا آهن ۽ هاڻ پڇتاءُ ٿي رهيو آهي، هوڏانهن پوليس پيءُ کي قتل ڪندڙ جوابدار مٿان قتل ۽ غيرقانوني پسٽل رکڻ جا 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪري ورتا آهن.
130