131

سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 6 مريض فوت، 136 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 6 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 7480 ٿي ويو آهي جڏهن ته 5625 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 136 نوان ڪيس سامهون آيا. اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جمعي ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ ڇهن مريضن پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن ۽ فوتين جو انگ 7480 تائين پهچي ويو آهي جيڪو فوتين جي شرح جو 1.6 سيڪڙو آهي. مراد علي شاهه چيو ته 5625 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 136 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 2.4 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 6123428 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جن مان 461424 ڪيسن جي تشخيص ڪئي وئي انهن مان 93.7 سيڪڙو يعني 432572 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 498 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 21372 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 21061 گهرن ۾، 29 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 282 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 278 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 24 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان موجب 136 نون ڪيسن مان 59 ڪراچي جا آهن جن ۾ ڏکڻ 22، ڪورنگي 16، اوڀر 9، سينٽرل ۽ ملير ۾ 5-5 ۽ اولهه 2 شامل آهن. سکر 30، شهيد بينظير آباد 21، سجاول 11، شڪارپور 11، شڪارپور 8، لاڙڪاڻو 2، جيڪب آباد ۽ قمبر 1-1 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.  وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڏنو ته ايس او پيز تي عمل ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو