124

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران جوابدار جي موت واري سزا ڪالعدم قرار، آزادي جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار آصف اقبال کي ماتحت عدالت پاران ٻڌايل موت واري سزا کي ڪالعدم قرار ڏيندي کيس جيل مان آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه ڄاڻايل جوابدار پاران داخل ڪيل اپيل تي فيصلو ٻڌائيندي ڏنو. عدالت چيو ته پراسيڪيوشن جوابدار جي سزا برقرار رکڻ بابت شاهديون پيش نه ڪري سگهيو. ياد رهي ته سيشن عدالت جوابدار آصف اقبال کي موت جي سزا ٻڌائي هئي. جوابدار تي 2010ع ۾ مبينه ٽائون ٿاڻي جي حدن ۾ شهري عرفان الله کي قتل ڪرڻ جو الزام هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو