138

سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي موٽر وهيڪل آرڊيننس ۾ ترميم بابت ٻه درخواستون اڪلائي ڇڏيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ اسڪول وينز ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سي اين جي سلينڊر جي استعمال تي پابندي بابت داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران صوبائي موٽر وهيڪل آرڊيننس ۾ ترميم بابت رپورٽ پيش ڪرڻ تي اسڪول وينز حادثن بابت داخل ڪيل ٻه درخواستون اڪلائي ڇڏيون جڏهن ته ٻين درخواستگذارن کي صوبائي موٽر وهيڪل آرڊيننس ۾ ڪيل ترميم جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪندي سي اين جي ايسوسيئيشن ۽ ٻين طرفان داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي 11 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. عدالت اهڙو حڪم ڪالهه طارق منصور نالي شهري پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. ڪالهه ٻڌڻي دوران ٽريفڪ پوليس عملدار ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. ان موقعي تي درخواستگذار عدالت کي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت 24 مئي 2021ع تي صوبائي موٽر وهيڪل آرڊيننس ۾ ترميم ڪري ڇڏي آهي. درخواستگذار ترميم ٿيل صوبائي موٽر وهيڪل آرڊيننس پڻ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو جنهن تي عدالت صوبائي موٽر وهيڪل آرڊيننس ۾ ترميم کان پوءِ اسڪول وينز حادثن بابت داخل ڪيل ٻه درخواست اڪلائي ڇڏيون. پيش ڪيل ترميمي آرڊيننس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته صوبائي موٽر وهيڪل آرڊيننس ۾ ترميم کان پوءِ اسڪول وينز ۽ يونيورسٽي کي چيڪنگ بابت ڏنل استثنيٰ ختم ڪئي وئي آهي جڏهن ته سي اين جي سلينڊر، ايل پي جي، ايل اين جي پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ اسڪول وينز ۾ استعمالبابت معيار جو تعين ڪيو ويو آهي. ترميمي آرڊيننس ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ترميم ذريعي قانون جوڙيا ويا آهن ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جا آفيسر سي اين جي سلينڊر جو معيار چيڪ ڪندا. اسڪول وينز ۽ ڪاليج وين جي روٽ پرمٽ ۽ انسپيڪشن بابت استثنيٰ ختم ڪئي وئي آهي. سنڌ حڪومت خلاف ورزي تي ڏنڊ جو تعين به ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسڪول وينز جي چيڪنگ لاءِ ويجلينس فورس به جوڙي وئي آهي، ويجلينس فورس ماس ٽرانزٽ جي آفيسرن تي ٻڌل هوندي ۽ سندن وردي جو تعين گهرو کاتو ڪندو. ان موقعي تي درخواستگذار عدالت کي گذار ڪئي آهي ته سنڌ حڪومت کي ويجلينس فورس جو جلد نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو