105

نيب آرڊيننس ذريعي حڪومت پاڻ کي اين آر او ڏئي ڇڏيو: رضا رباني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيٽر رضا رباني پي ٽي آءِ حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪهڙو احتساب، ڪهڙي شفافيت ۽ ڪهڙي سٺي حڪمراني، نيب آرڊيننس ذريعي حڪومت پاڻ کي اين آر او ڏئي ڇڏيو. سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني نيب آرڊيننس جو پوسٽ مارٽم ڪندي چيو ته ڪابينا، ماتحت ڪميٽيون، گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۽ اسٽيٽ بينڪ کي نيب جي پهچ کان پري ڪيو ويو آهي. هن چيو ته حڪومتي شخصيتون، فورمز ۽ فيصلن کي تحفظ ڏيڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ جي احتساب جو بيانيو مري ويو. سندس چوڻ هو ته پي  ٽي آءِ جو رڪارڊ مهانگائي کان پوءِ ايندڙ چونڊون کٽڻ ممڪن نه آهي، نيب آرڊيننس ذريعي پيش بندي ڪئي پئي وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو