ليکڪ: منظور حسين لاڙڪ
پاڪستان ۾ هڪ طرف ڊالر ۽ ٻئي طرف پئٽرول جي اگهن کي اهڙا ته پَرَ لڳي ويا آهن جو ٻنهي جي هر ڏينهن اُڏام جاري آهي، ڊالر 173 رپيا ۽ پئٽرول تقريبن 127.30 رپيا في لٽر عام ماڻهوءَ جي جسم مان ساھه ڪڍي ڇڏيو آهي.هر دفعي پئٽرول جي قيمت وڌائڻ کانپوءِ حڪومت جو جيڪو پهريون موقف ميڊيا ۾ ايندو آهي ته موجوده اگھه جي باوجود به پاڪستان ۾ پئٽرول جي قيمت دنيا جي ڀيٽ ۾ سستي آهي. تقريبن سئو ڏينهن ۾ پئٽرول جي مصنوعات ۾ ست دفعا اضافو ٿيو آهي. بار بار اگهن ۾ اضافو ڪري عوام کي ماريو پيو وڃي، موجوده حڪومت ۾ عام شين جي اگهن ۾ 300 سيڪڙو تائين واڌ اچي وئي آهي، باقي اگهھ ٻيڻا ٿيڻ ته عام ڳالهھ آھي، کنڊ 80 مان 110 رپيا ڪلو، عام کائڻ جو تيل 180 ليٽر مان 360 رپيا، سٺي برانڊ جو لوڻ، مرچ، ڌاڻن کان وٺي پائڻ جي ڪپڙن، چپلن، دوائن جي اگهن ۾ ايڏي واڌ اچي وئي آهي جو عام ماڻهن ۾ ڏٺو ويو آهي ته روزانو جي استعمال ۾ ايندڙ شين کي خريد ڪرڻ جي صلاحيت ڏينهون ڏينهن گهٽ ٿيندي پئي وڃي. منهنجو هڪ پاڪستاني دوست آهي جنهن جي شادي فلپائن مان ٿيل آهي ۽ هُو پاڻ به لڳ ڀڳ 20 سال کان وٺي فلپائن ۾ رهي آيو آهي ۽ هن وقت فلپائني شهريت پڻ آهي، هن مونکي ٻڌايو ته 1993ع کانپوءِ جڏهن 2015 ۾ هُو فلپائن ويو ته هن کي تعجب ٿيو ته جيڪي 1993 ۾ عام استعمال جي شين جا اگهھ هئا 2015ع ۾ به اهي ساڳيا هئا، جڏهن ان تعجب ۾ وجهندڙ ڳالهھ جو ذڪر پنهنجن ساهرن سان ڪيو ۽ اگهھ نه وڌڻ جا سبب پڇيا ته هنن جواب ڏنو ته اسان وٽ جيڪي پگهار 1993ع ۾ ملازمن جي هئي 2015ع ۾ به ساڳئي پگهار آهي ۽ عام استعمال جي شين جا اگهھ به انهيءَ ڪري حڪومت نه وڌايا آهن. اتان جي حڪومت جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سرڪاري ملازمن جي پگهارن کي وڌائي عام استعمال ۾ ايندڙ شين جا اگهھ به وڌايا وڃن ته انهيءَ سان حڪومت کي سرڪاري ملازمن جي پگهارن کي وڌائڻ جي مَد ۾ ملين ۽ بلين ڊالرن جو بار پوي ٿو، ان ڪري هُو عام استعمال ۾ ايندڙ شين جي ٺاهيندڙ ڪمپنين کي سبسڊي ڏئي اگهھ برقرار رک،ي چڱو خاصو پيسو بچائين ٿا، مونکي ملائيشيا جي صدر مهاتير محمد جو فيصلو ياد اچي ٿو ته جڏهن ملائيشيا جي اندر معاشي بدحالي آئي ۽ عام شين جا اگهھ ايترا ته وڌي ويا جو عام ماڻهوءَ جي قوت خريداريءَ ۾ ڳڻتي جوڳي سطح تي گهٽتائي اچي وئي ۽ پوءِ مهاتير محمد عام استعمال ۾ ايندڙ شين سبزي، فروٽ، دال، چانور کان وٺي هر اها شيءِ جيڪا هڪ عام ماڻهوءَ ۽ ملڪ جي اڪثريتي آبادي استعمال ڪري ٿي، جي اگهن ۾ گهٽتائي آڻي ڇڏي، نتيجي ۾ عام ماڻهو جي قوت خريداري ۾ اضافو ٿيو ۽ ماڻهن جي خريداري سان ملڪ جي اندر پئسو ڦرڻ لڳو ۽ ملائيشيا معاشي طرح بيهي رهيو، هڪ طرف اسان جي ملڪ اندر وڌندڙ مهانگائي عام ماڻهو کي معاشي طور بدحال ڪري ڇڏيو آهي ته ٻئي طرف وري گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت جي عالمي اداري ايف اي او جي تازي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هن وقت دنيا ۾ 80 ڪروڙ ماڻهو بُک جو شڪار آهن ۽ ٻه ارب ماڻهو غذائي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، خوراڪ يا غذا جي گهٽتائي سبب وڏن سان گڏ ڪيترائي لک ٻار مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن، کائڻ پيئڻ جي شين اگهن ۾ واڌ سبب عام ماڻهو کائڻ پيئڻ جي شين کي خريد ڪري نٿا سگهن، اسان جي مشاهدي ۾ پڻ اها ڳالهھ آئي آهي ته ملڪ ۾ فاسٽ فوڊز ۽ پيزا شاپس تيزيءَ سان کلي رهيا آهن پر رڳو ڪجهھ شهرن مثال طور اسلام آباد، لاهور، ڪراچي ۽ پشاور سميت ملڪ جا ڪجهھ ٿورائي شهر هوندا جتي اهڙي قسم جا بزنس ڪاميابي سان هلي رهيا آهن، باقي ٻين شهرن ۾ اهڙي فوڊ پيئر تي رش نظر ڪونه ايندي، پاڪستان جي پنهنجي سرڪاري شماريات کاتي مطابق سيپٽمبر 2021ع ۾ مهانگائي جي شرح 9.98 سيڪڙو رهي، مزي جي ڳالهھ اها آهي ته شماريات کاتي جي پنهنجي رپورٽ مطابق ڪوڪنگ آئل، کير، چانور، پٽاٽا ۽ ٿوم جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي، 90ع جي ڏهاڪي ۾ حڪومت زرعي قرض معاف ڪرڻ جي پاليسي ڏني شايد ان وقت زرعي ترقياتي بينڪ جو چيئرمين مرحوم بدرالدين زاهدي هو، انهيءَ پاليسي تحت جنهن کاتيدار ڏانهن زرعي قرض جي رقم گهڻي هئي ان لاءِ قرض معاف ڪرڻ جي شرح يا سيڪڙو گهٽ هو ۽ جنهن کاتيدار ڏانهن قرض جي رقم ٿوري هئي ان تي وياج جي شرح گهڻي لڳائي وئي، سادي ٻوليءَ ۾ جيڪو وڏي ليول جو ذميندار، وڏيرو، چوڌري هو ان جي وڏي کنيل قرض تي وياج جي وڌيڪ شرح هئي، انهيءَ جو قرض معاف يا وياج معاف ڪيو ويو ۽ جيڪو ننڍو هاري يا کاتيدار هو ان لاءِ رعايت يا وياج جي معافي لاءِ ڪو رليف نه هو يا نه هئڻ برابر هو، هتي ان ڳالهھ ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته هڪ طرف عام ماڻهو جي استعمال ۾ ايندڙ عام شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي رهي آهي ته ٻئي طرف حڪومت جا وزير ڪجهھ مهينا اڳ بجيٽ ۾ اها ڳالهھ فخر سان ٻڌائي رهيا هئا ته ڪارن جي قيمتن ۾ هڪ لک کان پنج لکن تائين گهٽتائي ڪئي وئي آهي، آخر اها ڳالهھ جيڪا بلڪل سادي ۽ سڌي آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ڪوڪنگ آئل، بصر، پٽاٽا، چانور ۽ گوشت وٺندڙن جو تعداد وڌيڪ آهي يا ڪارن ۽ گاڏين جي خريدارن جو تعداد وڌيڪ آهي؟ مان ڏاڍو گهٻرائجي ويندو آهيان جڏهن اسان جي ملڪ جي وزيراعظم عمران خان جو خطاب ٻڌندو آهيان ۽ هُو عوام کي مخاطب ٿيندي چوندو آهي ته ”گهبرانا نهين هي“ مان ان ڪري گهٻرائيندو آهيان ته مان روزانو پني پيٽ گذر ڪرڻ وارن فقيرن جو تعداد وڌندو ڏسندو آهيان، اڳ هڪ خاص گروھه روزانو پني پيٽ گذر ڪندڙن جو هو جيڪي خالي هٿ اڳتي وڌائي ﷲ جي نالي تي خير گهرندا هئا، هاڻي مان اهڙا ماڻهو ڏسي گهٻرائجي ٿو وڃان جن جي هٿن ۾ دوائن جا پرچا جن تي ڊاڪٽرن پاران لکيل دوائن جي نالن وارا هٿ اکر هوندا آهن ۽ سامهون گهرندڙ خير اهو چوندو آهي ته ﷲ جي نالي تي مون کي پئسا نه ڏيو بس هيءَ دوا خريد ڪري ڏيو، مان گهٻرائجي ويندو آهيان جڏهن ڪو مون کي چوندو آهي ته هلو ۽ پاڻ پنهنجي هٿن سان مون کي هوٽل تان کائڻ لاءِ نان ۽ چانهھ جو ڪوپ وٺي ڏيو ته مان کائي توهان کي دعا ڪيان، مان گهٻرائجي ٿو وڃان جڏهن منهنجو هڪ دوست جنهن جو شهر ۾ ميڊيڪل اسٽور آهي، مون کي ٻڌائي ٿو ته سائين ڪيترائي مڊل ڪلاس جا ماڻهو مون وٽ جڏهن ڊاڪٽرن جي دوائن جو نسخو کڻي ٿا اچن ته اڪثر مون کي چوندا آهن يا هن پرچي مان اڌ دوا ڏي يا هن پرچي تي جيڪي دوائون لکيل آهن انهن جا تفصيل پڇندا آهن ۽ پوءِ ڪوشش ڪندا آهن ته ان پرچي تي لکيل دوائن مان ڪجهھ دوائون گهٽ ڪن. مان ڏاڍو گهٻرائجي ويو آهيان ته هتي سياستدان، سرمائيدار، بيوروڪريٽ، سردار ۽ زميندار جي رهڻي ڪهڻي ۽ روز جي معمول ۾ ڪوبه فرق نه آيو آهي پر عام ماڻهو جنهن ۾ استاد، دڪاندار، ڪلارڪ، ڏهاڙيدار، مستري، مزدور، گاڏو هلائيندڙ، ٽيڪسي ڊرائيور ۽ خاص طور تي هيٺئين وچين طبقي واري ماڻهو جو گذر سفر ڪيئن پيو ٿئي؟ شايد اهي سڀ به مون وانگر گهٻرائجي ويا هوندا؟