117

ڇا پريانڪا گانڌي اترپرديش ۾ مخالفن جو صفايو ڪري سگهندي؟

ليکڪ: مرزا اي بي بيگ

رات جو وقت آهي، گوڙ گهڻو آهي، پوليس سان ڪنهن شخص جو بحث ٿي رهيو آهي، جنهن کي هڪ طرف ڌڪيو پيو وڃي ۽ پوءِ اوچتو ان جي چوڌاري ميڙ کي چيريندي هڪ عورت اڳتي وڌي ٿي ۽ پوليس کي چوي ٿي آرڊر ڏيکاريو؟ سندس پٺ ڪئميرا جي طرف آهي پر آواز ۽ لهجي سان سندس سڃاڻپ فوري ظاهر ٿي وڃي ٿي، مون کي سبب ٻڌايو ۽ آرڊر ڏيکاريو، مون کي وارنٽ ڏيکاريو ۽ جيڪڏهن اهو ناهي ته پوءِ توهان کي اسان کي روڪڻ جو ڪو به حق نه آهي. پوءِ اها عورت پوليس آفيسر کي مخاطب ڪري للڪاري ٿي، اوهان ڇا ٿا سمجهو جيڪڏهن اوهان ماڻهن کي ماري سگهو ٿا، هارين کي ڪچلي سگهو ٿا ته اوهان سمجهو ٿا ته اسان کي روڪي وٺندئو؟ اها ڪا ٻي نه پر انڊيا جي ڪانگريس پارٽي جي اڳواڻ ۽ راجيو گانڌيءَ جي ڌيءُ پريانڪا گانڌي آهي،  جنهن کي اتر پرديش جي پوليس لکيمپور کيري وڃڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، هتي آچر واري ڏينهن ٿيل پرتشدد واقعي ۾ 4 هارين سميت 8 ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ تقريبن 12 ڄڻا زخمي به ٿيا هئا، ڪانگريس اڳواڻ ۽ اتر پرديش ۾ ڪانگريس جي ذميوار پريانڪا گانڌي جي ان وائرل وڊيو سان ٻيا ڪلپ به وائرل ٿيا، هڪ ٻي وڊيو ۾ هوءَ پوليس کي تنبيهه ڪري ٿي ته ان سان زور زبردستي نه ڪئي وڃي، کيس اهو چوندي ٻڌي سگهجي ٿو ته اهو ڏوهاري حملو آهي، اغوا ڪرڻ جي ڪوشش آهي، اغوا آهي، ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جي ڪوشش آهي، نقصان پهچائڻ جي ڪوشش آهي، سمجهو، سمجهي ويو نه سڀ ڪجهه، مون کي ڇهي ڏيکاريو؟ عورت سان ڳالهائڻ سکو، بهرحال هو ٻن ڏينهن کان انڊيا ۾ سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ ڪري رهي آهي، اترپرديش پوليس آڏو سندس بيخوف وڊيو جيڪڏهن گردش ڪري رهيون آهن، سيتاپور جي گيسٽ هائوس ۾ حراست دوران پنهنجي ڪمري ۾ ٻهاري ڏيڻ واري وڊيو سومر کان مسلسل گردش ڪري رهي آهي ۽ ماڻهو ان تي پنهنجي سياسي نقطئه نظر سان تبصرو ڪري رهيا آهن، هڪ سال ۾ ڪجهه نه بدليو آهي پريانڪا جو انداز نه ئي اتر پرديش حڪومت جو رويو، پوليس سان مباحثي واري وڊيو ڏسي گذريل سال ان ئي زماني جي هڪ وڊيو ياد اچي ٿي جنهن ۾ هوءَ بدنام زمانا هاٿرس ريپ ڪيس جي متاثر خاندان سان ملڻ وڃي رهي هئي ۽ کيس ۽ سندس ڀاءُ راهول گانڌي کي اتي وڃڻ کان روڪيو ويو هو، ان وقت به پوليس تي راهول گانڌي ۽ پريانڪا گانڌي سان زور زبردستي ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا هئا، جنهن کانپوءِ راهول گانڌي چيو هو ته سڄي ملڪ کي ڌڪيو ۽ ماريو پيو وڃي ته مون کي ڌڪڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. انڊيا ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي پريانڪا گانڌيءَ ۾ سندس ڏاڏي ۽ اڳوڻي وزيراعظم اندرا گانڌي جي جهلڪ نظر اچي ٿي ۽ ان قسم جي موقعن تي ماڻهو پريانڪا ۾ هندستان جو مستقبل ڏسڻ لڳن ٿا، چون ٿا ته دهلي جو رستو لکنئو مان گذري ٿو، يعني ملڪ ۾ اقتدار ان کي ملي ٿو جنهن کي اتر پرديش ۾ وڌيڪ سيٽون ملن ٿيون، ڇو ته اتر پرديش ۾ سڀ کان وڌيڪ پارلياماني سيٽون آهن ۽ اها ملڪ جي آبادي ۽ پکيڙ جي لحاظ کان سڀ کان وڏي رياست آهي، هن پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ڪيل لڳاتار ٽوئيٽس ۾ چيو جهڙي طرح هارين کي ڪچليو پيو وڃي، ان لاءِ ان وٽ لفظ نه آهن، ڪيترن ئي مهينن کان هاري آواز اٿاري رهيا آهن، انهن سان غلط ٿي رهيو آهي پر حڪومت ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي جيڪو ڪجهه به ٿيو ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته حڪومت هارين کي ڪچلڻ ۽ تباهه ڪرڻ جي سياست ڪري رهي آهي. هن هڪ ٽوئيٽ ۾ مودي کي ٽيگ ڪندي هڪ وڊيو جاري ڪئي ۽ کيس پڇيو ته 48 ڪلاڪن تائين بنا ڪنهن آرڊر يا ايف آءِ آر جي حراست ۾ ڇو رکيو ويو ۽ هارين کي ڪچلڻ وارو اهو شخص اڃا تائين ڇو گرفتار نه ٿيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته هي ملڪ هارين جو آهي ۽ اهو بي جي پي جي نظريي جي جاگير نه آهي، ملڪ کي هارين ٺاهيو ۽ سيراب ڪيو آهي، جڏهن طاقتجو ساتعمال ڪرڻو هوندو آهي ته پوليس اخلاقي بنياد وڃائي ويهندي آهي، آئون پنهنجي گهران نڪري ڪو ڏوهه ڪرڻ نه پئي ويس، آئون صرف متاثرن جي خاندانن سان ملڻ وڃي رهي آهيان، آئون ڳوڙها اگهڻ وڃي رهي آهيان، ڇا آئون غلط ڪري رهي آهيان؟ واضح رهي ته هاري پارليامينٽ مان منظور ٿيل ٽن قانونن جي هڪ سال کان مخالفت ڪري رهيا آهن ۽ سراپا احتجاج آهن، پريانڪا گذريل ڪيترن ئي سالن کان اترپرديش جي سياست ۾ اڳيان اڳيان رهي آهي، ڀلي اهو اڳوڻو آءِ پي ايس آفيسر ايس آر دار اپوري جي خاندانن سان ملڻ جو واقعو هجي يا وري ڪووڊ دوران مهاجر مزدورن کي بس ڏيڻ جو معاملو هجي، يا وري سون ڀدر ايراضي جي تڪرار ۾ قبائلين جو قتل هجي،   هندستان ٽائيمز سان فون تي هڪ انٽرويو دوران ڳالهائيندي پريانڪا تازي واقعي بابت موقف ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اوهان گذريل ٻن سالن تي نظر وجهو ته اوهان ڪڏهن ڏٺو ته مسٽر اکيليش يادو (اڳوڻو وزيراعلي) روڊن تي نظر آيو، يا ڪنهن احتجاج ۾ شريڪ ٿيو، ڇا اوهان کيس سي اي اي خلاف احتجاج ۾ يا هاٿرس واقعي ۾ ڪٿي ڏٺو؟ ڇا اوهان کيس روڊن تي هارين جي نمائندگي ڪندي ڏٺو، ڇا اوهان مايا وتي جي (ان کان اڳ رياست جي ڪيترائي ڀيرا ٿيندڙ وزيراعليٰ) کي ڏٺو؟ اوهان نه ڏٺو، ڇا اوهان ڪانگريس پارٽي کي ڏٺو ته ها اوهان ڏٺو. خاص ڪري گذريل ڏيڍ سال دوران ڪورونا جي زماني ۾ ڪانگريس پارٽي زمين تي سڀ کان وڌيڪ ڪم ڪيو، سڀ کان وڌيڪ مسئلن تي ڪم ڪيو، سڀ کان وڌيڪ ڪورونا لاءِ رليف تي ڪم ڪيو،  اسان مسئلن کي اجاڳر ڪري رهيا آهيون ۽ آهستي آهستي پنهنجي تنظيم کي ٺاهي رهيا آهيون، بهرحال گذريل ڏينهن اکيليش يادو به هڪ ٽوئيٽ پنهنجي گهر ٻاهران جو منظرپيش ڪندي لکيو ته کيس پنهنجي ئي گهر ۾ نظربند ڪيو ويو آهي ۽ کيس لکيمپور وڃڻ کان روڪيو ويو آهي. واضح رهي ته گذريل 32 سالن کان ان رياست ۾ ڪانگريس اقتدار ۾ نه آهي ۽ اها مستقل ختم ٿيندي پئي وئي، گذريل چونڊن ۾ پريانڪا گانڌي کي رياست ۾ ڪانگريس جي بحالي جو ڪم سونپيو ويو جيڪو موجوده ورهايل سماج ۾ شينهن کي پڃري ۾ بند ڪرڻ جي برابر آهي. ڪانگريس ۽ سندس حامين کي اها اميد آهي ته اهي ڪانگريس کي ٻيهر زندهه رکڻ جي صلاحيت رکن ٿا. ان ڪري ڪانگريس جي اڳوڻي صدر راهول گانڌي پوليس سان پنهنجي ڀيڻ جي وائرل وڊيو سان لکيو ته ڇا حڪومت پريانڪا جي همٿ کان ڊنل آهي؟ هن ٽوئيٽ ڪيو پريانڪا آئون ڄاڻان ٿو ته تون پوئتي نه هٽندينءَ هو تنهنجي همٿ کان ڊڄي ويا آهن، اسان انصاف جي ان عدم تشدد واري ويڙهه ۾ ملڪ جي هارين کي سوڀ ڏياري رهنداسين. اهڙي طرح ڪانگريس جي هڪ ٻئي اڳواڻ سنجي جهاني ٽوئيٽ ڪيو، پريانڪا هڪ ويڙهاڪ آهي، ان ۾ سندس ڏاڏيءَ جو مستحڪم ڪردار آهي، هوءَ ڪڏهن به هار نه مڃيندي پريانڪا اترپرديش ۾ پارٽي جو چهرو يا وزيراعليٰ جو چهرو ٿئي يا نه ان تي ماڻهن جي راءِ ورهايل آهي، ڪنهن جو چوڻ آهي ته هوءَ ڪانگريس جي اميد آهي ته ڪنهن جو چوڻ  آهي ته هوءَ ڪارڪنن ۾ انتهائي غير مقبول آهي، ڇو ته هوءَ خود پسند ۽ گهمنڊي آهي. ڪانگريس جي سينيئر ليڊر سنجي جهاني بي بي سي جي سوشيلا سنگهه ڳالهائيندي چيو ته اها منهنجي ذاتي راءِ آهي ته پريانڪا گانڌي نه رڳو اتر پرديش پر سڄي ملڪ ۾ اهم ڪدار ادا ڪري سگهي ٿي، اسان ڄاڻون ٿا ته دهلي جو روڊ لکنئون مان گذري ٿو پر ڪيترن ئي سالن کان ڪانگريس رياست جي ٻين پارٽين تي ڀاڙي رهي آهي، ڪمزور رهي آهي، ڇا اها اوچتو تبديل ٿي ويندي؟ اهو صرف مستقبل ٻڌائيندو، جنهن طرح جو ماحول آهي، ان دوران اهو ڏٺو پيو وڃي ته بي جي پي ڪيترن ئي محاذن تي ناڪام ٿي وئي آهي، جمهوريت خطري ۾ پئجي وئي آهي، ڪورونا، خراب معيشت، بيروزگاري، بدعنواني ۾ واڌ ٿي آهي، اهڙين حالتن ۾ پريانڪا گانڌيءَ لاءِ اهو هڪ سٺو موقعو آهي ته هوءَ ڪانگريس جي صدر ٿئي پر نه صرف ڪانگريس پر ملڪ کي هڪ نئين راهه ڏيکاري. ماهرن جو خيال آهي ته ڪانگريس آڏو اڃا ڪيترائي مسئلا آهن، ڪانگريس کي پنجاب ۾ به مسئلا آهن، ڪانگريس آڏو ڪرسي جي صدارت سنڀالڻ جو معاملو آهي، اهڙي صورتحال ۾ پريانڪا جو پنهنجو ڪردار ٿي سگهي ٿو، ڪانگريس جي سينيئر اڳواڻ سلمان خورشيد جو چوڻ آهي ته اترپرديش ۾ يوگي آدتيه ناٿ کان پريانڪا جو چهرو گهڻو بهتر هوندو. جڏهن سلمان خورشيد کان پڇيو ويو ته پريانڪا گانڌي رياست جي وزيراعليٰ يوگي آدتيه ناٿ سان مقابلو ڪري سگهي ٿي ته هن چيو ته اهو ته مستقبل ئي ٻڌائيندو ته اليڪشن ۾ ڪير کٽيندو؟ پريانڪا جو چهرو ان جي چهري کان بهتر آهي ۽ اهو ئي سچ آهي. پريانڪا گانڌي هڪ ڀيرو اعتراف ڪيو هو ته هن پنهنجي ڏاڏيءَ کي پنهنجو رول ماڊل ٺاهيو آهي، ڇو ته اها نه صرف سياسي طور تي طاقتور هئي پر هڪ انسان جي طور تي به انتهائي طاقتور شخصيت جي مالڪ هئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو