103

عوام ۾ پلجندڙ ڪاوڙ ۽ حڪمرانن جي خود فريبي..!!

ليکڪ: عاصمه شيرازي

فريب جي خوبصورتي اها آهي ته اهو خود فريبي جو شڪار رهي ٿو، پنهنجي عڪس ۾ ٻڏي پنهنجي ئي ذات جو حصو بڻجي ٿو، خود نمائي کي اصل ڪاميابي سمجهي وٺي ٿو، اهو سمجهڻ بنا ته حقيقت ڪٿي پري آهي ان تي کلي رهي آهي، اسان جي موجوده نظام جو معاملو به اهو ئي آهي، هي نظام جنهن سان هائبرڊ جو ٺپو لڳل آهي، فريب ۽ خود فريبي جو اعليٰ مثال آهي، ڪارسازن ڪارخانن ۾ بت تراشيا پوءِ انهن بتن ۾ ساهه وڌو ۽ پوءِ انهن کي ڊگهيون زبانون ۽ ننڍا دماغ ڏنا. لفظن کي الزام ۽ سوال کي بهتان بڻايو ويو، شبانا روز محنت سان اهڙا چهرا تخليق ڪيا ويا جن جي پويان ڪيترائي چهرا لڪل هئا. اهڙو نظام ٺاهيو ويو، جنهن جو اصل رخ سڀ ڄاڻن ٿا، سڃاڻن ٿا پر نظام ٺاهڻ وارا خود فريبي جو شڪار آهن ته سڃاتا ته صرف پراڻا ئي ويا آهن.برو ٿيو ان بيانيي جو جيڪو رڳو بيان لاءِ ڏنو ويو، بدعنواني خلاف بدعنوان، بد زباني خلاف بدزبان ۽ بدگماني خلاف بدگمانن کي به کاتا سونپيا ويا،  ان کان اڳ وارا به ڪي پارسا نه هئا پر پارسائيءَ جو ڍونگ جيڪو هن ڀيري رچايو ويو آهي، ان جو مثال ئي نٿو ملي،  هر دور جي اعتبار کان ان دور جي مطابق رهنما صرف رهزنن ۾ ڳوليا ويندا رهيا ۽ بدعنواني جو عنوان ارباب اختيار لکندا رهيا، وقت جا اڪثر ليکڪ درٻاري بڻجي اهو ئي تحرير ڪندا رهيا، اڃا ڪالهه ئي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 50 سالا پراڻي تقرير جو هڪ ٽڪرو ڪڍيو ويو، جنهن ۾ هو ان وقت جي ٽٽل ڦٽل ۽ شڪست کاڌل پاڪستان کي درپيش مسئلن ۽ مهانگائيءَ جا دليل پيش ڪري رهيو هو، هتي ان ڪلپ کي ائين پيش ڪيو پئي ويو، ڄڻ گذريل پاڪستان به اهڙو ئي هو، بهرحال دليل مستند شخصيت جو گهربل هو، سو ڀُٽي صاحب کي ان قابل سمجهيو ويو، نه ته ايوب خان جي محبت ۾ وزيراعظم ڇا ڪجهه نٿو فرمائي. خير هن نظام جي تشڪيل ۾ جن عنصرن کي شامل ڪيو ويو اهي ته بيان ٿي چڪا پر اصل ڳالهه اها آهي ته سمجهيو اهو پيو وڃي ته هي صرف نعرن، ڪرپشن جي الزامن ۽ بهتان بازي سان وقت گذاري وٺندا، اها خبر نه هئي ته رڳو ڳالهين سان قلعا فتح ٿين ها ته فوجن جي ضرورت محسوس نه ٿئي ها، گذريل ٽن سالن ۾ هڪ کان وڌ هڪ اسڪينڊل ان حڪومت سان وابستا ٿي چڪو آهي، کنڊ، اٽو، دوائون، بجلي ۽ ضرورت جي هر شيءِ پهچ کان گهڻو پري رڙيون ڪري نظام جي ڪرڻ جي اڳڪٿي ڪري رهي آهي، مانيءَ لاءِ سڪندڙ عوام هاڻ پيٽ کان اڳتي ڪجهه سوچڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نه ئي ڪنهن بيانيي ۾ دلچسپي رکي ٿو، مخالف ڌر پنهنجو ضد ڪري ويٺي آهي ته عوام پنهنجو شوق پورو ڪري وٺي، عوام ۾ موجود غم ۽ غصو ڪنهن به انتشار جو سبب بڻجي سگهي ٿو ۽ هتي خود فريبي ۾ مبتلا ارباب اختيار  خبر ناهي ڪهڙي منصوبابندي جي مرحلن ۾ آهن؟ دهشتگرديءَ جي نئين لهر شروع ٿي چڪي آهي، تازا دهشتگرد آئين ۽ رياست مخالف بيانيي سان حملا آور آهن، جڏهن ته اسان ڳالهين جي پوزيشن ۾ اچي چڪا آهيون، اسان رياست ۽ آئين جي رٽ چئلينج ڪرڻ وارن کي زيتون جي شاخ پيش ڪري رهيا آهيون ۽ جواب ۾ نفيءَ جو ڪلمو سوڀاري ٿيل قوم جا حوصلا ۽ جذبا پست ڪري رهيو آهي، شهيد ٻارن جا ماءُ پيءُ هجن يا 70 هزار رت ۾ ٻڏل لاش، رياست کان سوال ڪري رهيا آهن ته ڳالهيون ڪيئن ۽ ڪنهن سان؟ ڇا ڪجهه هزار دهشتگردن جو مقابلو نٿو ٿي سگهي؟ يا وري بيوسيءَ جو سبب ڪجهه ٻيو آهي، جواب ڪنهن وٽ آهي؟ ٻارن کان ڊڄندڙ وڏي دشمن سان ڳالهيون ڪير ڪري رهيو آهي ۽ ڪنهن جي اجازت سان ڪيون پيون وڃن؟ پارليامينٽ ڪٿي آهي؟ جناب هر محاذ تي قوم مايوس ٿي رهي آهي، باهه دامن کي لڳي ته تئه سيني تائين پهچي ٿو، خود فريبي ۽ فريب مان نڪرو ۽ گهٽين، پاڙن، چوڪن ۾ وڃو، ڏسو ته عوام ۾ ڪهڙي طرح ڪاوڙ پلجي رهي آهي، ان ڪاوڙ کي ڪا راهه نه ملي ته انتشار پکڙجي سگهي ٿو، پوءِ نه ڪار ساز بچندا ۽ نه ڪارخانن جا بت، نظام پنهنجي وزن تي ڪري پيو ته پوءِ ان کي ڪير بچائيندو؟

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو