95

بجلي جي اگهن ۾ وري واڌ، عوام کان جيئڻ نه کسيو وڃي

ايڊيٽوريل

وفاقي حڪومت بجلي صارفين تي 30 ارب 40 ڪروڙ جو بار وجهي ڇڏيو، بجلي قيمت ۾ هڪ رپيو 95 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي، نوٽيفڪيشن جاري، آءِ ايم ايف بجلي قيمت وڌيڪ وڌائڻ، انڪم، سيلز ٽيڪس ۽ ريگوليٽري ڊيوٽي وڌائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، رپورٽ موجب آگسٽ جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي قيمت ۾ هڪ رپيو 95 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ان جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي، بجلي قيمت ۾ واڌ آڪٽوبر جي مهيني جي بلن ۾ ورتي ويندي، بجلي جي قيمت ۾ ان واڌ سان صارفين تي 30 ارب 40 ڪروڙ رپين جو وڌيڪ بار پوندو، مٿان وري آءِ ايم ايف بجلي قيمت وڌيڪ وڌائڻ، انڪم، سيلز ٽيڪس ۽ ريگوليٽري ڊيوٽي وڌائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، آءِ ايم ايف چيو آهي ته  پاڪستان انڪم ٽيڪس، سيلز ٽيڪس ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽي لاءِ  وڌيڪ ٽيڪس جا قدم کڻي، ساليانو وصولي جو ٽارگيٽ 50 کرب مان وڌائي 63 کرب ڪيو وڃي، حڪومت کي ايف بي آر جي حوالي سان اضافي روينيو جا قدم کڻڻا پوندا، بجلي ٽيرف جي بنيادي قيمت ۾ ون پوائنٽ 40 رپيا واڌ ڪئي وڃي ته جيئن گردشي قرضن تي ڪنٽرول ڪري سگهجي،  بجلي ٽيرف ۾ ٽي ماهي تبديليون جيتوڻيڪ ڪيو ويون آهن، جيڪڏهن بنيادي ٽيرف ۾ واڌ نه ڪئي وئي ته خوف آهي ته گردشي قرض مئنيجمينٽ پلان کي حتمي شڪل نه ڏئي سگهنداسين، انڪم ٽيڪس جي شرح ۾ واڌ ڪئي وڃي ته جيئن 100 ارب رپين مان ڏيد سئو ارب رپيا ٽيڪس گڏ ڪري سگهجي، هلندڙ مالي سال ۾ وڌيڪ جي ايس ٽي استثنيٰ کي واپس ورتو وڃي، نيشنل ٽيرف ڪميشن جي واڌو ڪسٽمز ڊيوٽي واپس ورتي وڃي، نيپرا قانون ۾ پڻ ترميم ڪئي وڃي، جنهن ۾ حڪومت مداخلت نه ڪري سگهي، ايف بي آر جي روينيو گڏ ڪرڻ جي رفتار غير مستحڪم آهي، پاڪستان وٽ هن وقت ٻه وڏا مسئلا آهن هڪ مالي استحڪام ۽ ٻيو توانائي جي شعبي ۾ وڌيڪ خرچن تي ڪنٽرول ڪرڻ آهي، اميد آهي ته اسٽاف جي سطح تي ڳالهيون 15 آڪٽوبر تي ٿينديون. اڃا ڪجهه ڏينهن اڳ ئي حڪومت بجلي جي في يونٽ اگهه ۾ پوڻا 2 رپيا واڌ ڪئي هئي ۽ هفتي کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اهڙي فرمائشي واڌ عوام کان جيئڻ جو حق کسڻ جي برابر آهي، حڪومتي وزير ته اهو بيان ڏئي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته مهانگائي پراڻين حڪومتن جي پاليسين جي ڪري وڌي آهي پر سڄي دنيا ۽ هن ملڪ جو ٻچو ٻچو ڄاڻي ٿو ته پراڻين حڪومتن جي دور ۾ گهٽ ۾ گهٽ عوام کان جيئڻ جي اميد نه کسي وئي هئي، موجوده حڪومت ته ماڻهن وٽ ڪا به اميد نه ڇڏي آهي، مٿان وري آءِ ايم ايف اڃا وڌيڪ مهانگائي جي فرمائش ڪري عوام کي اجتماعي خودڪشي ڪرڻ لاءِ مجبور پئي ڪري، سڄي دنيا جون حڪومتون پنهنجي عوام کي رليف ڏيڻ ۽ ان جي ڀلي لاءِ پاليسيون ترتيب ڏينديون آهن پر ظلم اهو آهي ته پاڪستان جي موجوده حڪومت وٽ نه عوام کي رليف ڏيڻ جو ڪو منصوبو آهي ۽ نه ئي وري رليف ڏيڻ جي ڪا واٽ، هنن وٽ رڳو هڪ ئي واٽ آهي، مهانگائي وڌائڻ ۽ ان جو الزام پوين حڪومتن تي هڻڻ، ان کان اڳ جو موجوده صورتحال ۾ عوامي ڪاوڙ انتشار جو سبب بڻجي مهانگائي گهٽائي ماڻهن کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو