لاهور (ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف ۽ پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ملڪ ۾ بنا دير شفاف چونڊن جو مطالبو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ مولانا فضل الرحمان لاهور ۾ شهباز شريف جي گهر پهتو، جتي هن کانئس طبعيت بابت پڇيو، جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ چيلهه ڀڃندڙ مهانگائي آهي، اٽي ۽ کنڊ جا اگهه آسمان تي پهچي ويا آهن، حڪومت جي خلاف مارچ ۽ ان جو گهيرو هر صورت ۾ ئي ڪرڻو پوندو، شفاف چونڊون سڀني جو مطالبو آهي. هن چيو ته فوج جي وقار کي جيترو نقصان عمران خان پهچايو آهي ايترو ته نريندر مودي پڻ نه پهچائي سگهيو. ڊينگي تباهي مچائي ڇڏي آهي، اسپتالن ۾ بسترا نه پيا ملن پر حڪومت غفلت جي ننڊ ستل آهي، ملڪ ۾ جلد شفاف چونڊون ڪرايون وڃن. ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ڊي ايم پنهنجا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ سنجيده ۽ متحرڪ آهي، اسان کي گڏجي اڳتي وڌڻو آهي. حڪومت جي خلاف مارچ ۽ ان جو گهيرو هر صورت ۾ ئي ڪرڻو پوندو، شفاف چونڊون سڀني جو مطالبو آهي. هن چيو ته ادارا تباهه ٿي ويا آهن، هر شخص هن حڪومت مان جان ڇڏائڻ گهري ٿو، ملڪ۾ ترت چونڊون ضروري آهن. يونٽي آف ڪمانڊ بابت پوري قوم ڏسي پئي ته ڇا حشر ڪيو ويو آهي، اسين فوج کي طاقتور ڏسڻ گهرون ٿا
