137

ڪرپشن وارا پئسا واپس ڪري ٻيهر مقرر ٿيل 282 آفيسرن جي لسٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش

سکر (ويب ڊيسڪ) ڪرپشن ۾ ملوث سرڪاري آفيسرن کي پوسٽنگ ڏيڻ بابت ڪيس ۾ نيب ڪرپشن وارا پئسا واپس ڪري ٻيهر  مقرر ٿيل 282 آفيسرن جي لسٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي. نيب جي رپورٽ ۾ مختلف کاتن جي 285 آفيسرن جا نالا شامل آهن جن ۾ نيب کي رضاڪار طور تي پئسا  واپس ڪندڙ، پلي بارگين ڪندڙ، ريفرنس ۾ نامزد، سزا آيل ۽ اپيل ڪندڙ آفيسر به شامل آهن. رپورٽ موجب رقم رضاڪار طور تي واپس ڪندڙ 19 کان 17 گريڊ جا 10 آفيسر به فهرست ۾ شامل آهن جڏهن ته پلي بارگين ڪندڙ سرڪاري آفيسرن ۾ گريڊ 17 ۽ 18 جا 53 آفيسر شامل آهن، پلي بارگين ڪندڙ آفيسر مختلف عهدن تي مقرر هئا. نيب سکر جي رپورٽ موجب نيب ڪيسن کي منهن ڏيندڙ گريڊ 18،19،20 جا 222 آفيسر شامل آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو