147

جيڪب آباد ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس جو ڇاپو، رشوت وٺندي ٽنڊيل گرفتار

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) جيڪب آباد جي اينٽي ڪرپشن جي ٽيم انسپيڪٽر هدايت الله چنو.سيد عنايت علي شاهه.مير عزيز الله سومرو مئجسٽريٽ امتياز حسين لاکير جي نگراني ۾ مقامي هوٽل تي آبادگار قمرالدين مندراڻي کان پاڻي زمين ۾ نه ڇڏڻ لاءِ چنڊ ڳڙهي شاخ تي مقرر ٽنڊيل عبدالڪريم بروهي ڏهه هزار رپيا رشوت وٺندي موقعي تي گرفتار ڪري ورتو فريادي آبادگار قمرالدين مندراڻي جي فرياد تي اينٽي ڪرپشن ٿاڻي تي گناهه نمبر 2 تحت اي سي ئي جو ڪيس داخل ڪري ورتو ان سلسلي ۾ رابطي ڪرڻ تي اينٽي ڪرپشن جي هيڊ ڪانسٽبل سيد عنايت شاهه ٻڌايو ته فريادي قمرالدين مندراڻي جي آباد زمين ۾ ٽنڊيل عبدالڪريم بروهي زبردستي پاڻي ڇڏيو جيڪو بند ڪرڻ تي ٽنڊيل فريادي آبادگار کان 60 هزار رشوت طلب ڪئي پنجاهه هزار هن ڏئي اسان کي چيو ته بقايا ڏهه هزار گهري ٿو اسان هن جي درخواست تي فرسٽ سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ امتياز لاکير جي نگراني ۾ رشوت وٺندي گرفتار ڪيو آهي جنهن کي عدالت ۾ پيش ڪري ٻن ڏينهن جو ريمانڊ ورتو آهي

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو