95

نواز شريف ۽ مريم ن ليگ سياست ختم ڪئي، شهباز شريف پارٽي جي ڪاوڙ ٻين مان نه ڪڍي: فواد چوڌري

لاهور (ويب ڊيسڪ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف ۽ مريم ن ليگ سياست ختم ڪئي، شهباز شريف پارٽي جي ڪاوڙ ٻين مان نه ڪڍي، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته شهباز شريف غير آئيني ۽ غير جمهوري مطالبا ڪري رهيو آهي، پهريان اهو ٻڌائين ته پارٽي اندر آهي يا ڪڍيو ويو پاڪستان ۾ ڪرپشن جو سج اڀاريندڙن جو لنڊن ۾ سج لهي چڪو آهي، هي هاڻي عوام کي بيوقوف نٿا بڻائي سگهن، هن وڌيڪ چيو ته عمران خان کي عوام جو ڏنل اقتدار هنن کان برداشت نه پيو ٿي، پاڻ اقتدار ۾ هجن ته آئيني مدو پورو ٿيڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، انهن جي اربين ۽ کربين رپين جي ڪرپشن جي ڪري ملڪ ۾ مهانگائي آهي، ذاتي مفادن جي لاءِ ملڪي قرض ورتو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو