138

فائيو جي ٽيڪنالاجي ۽ ڪورونا ويڪسين خلاف درخواست رد، ڏنڊ لاڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ فائيو جي ٽيڪنالاجي ۽ ڪورونا ويڪسين خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي، درخواست داخل ڪندڙ تي ڏنڊ لاڳو، رپورٽ موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ فائيو جي ٽيڪنالاجي ۽ ڪورونا ويڪسين خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، عدالت بسمه نورين جي درخواست رد ڪندي مٿس 25 هزار رپيا ڏنڊ هڻي ڇڏيو، عدالت رمارڪس ڏنا ته درخواست داخل ڪندڙ نقصان جي حوالي سان هڪ لفظ به ناهي ٻڌايو، فائيو جي ٽيڪنالاجي مان دنيا فائدو کڻي رهي آهي، اسان لاءِ نقصان ڪار ڪيئن ٿي ٿي سگهي؟.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو