لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب ترميمي آرڊيننس 2021ع لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو آهي، عدالت ۾ داخل درخواست ۾ وفاقي حڪومت ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي، جنهن موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نيب ترميمي آرڊيننس اعليٰ عدليا جي فيصلن جي خلاف آهي، پارليامينٽ جي موجودگي ۾ آرڊيننس جاري نٿو ڪري سگهجي، اهو غير قانوني آهي،قانون جي مطابق نيب چيئرمين جي مدي ۾ واڌ نٿي ٿي سگهي.
