130

سنڌ ۾ سڀاڻي کان اسڪول سئو سيڪڙو حاضري سان کولڻ جو اعلان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ سڀاڻي سومر ڏهاڙي کان سمورا سرڪاري توڙي خانگي اسڪول سئو سيڪڙو حاضري سان کولڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويوآهي ته سرڪاري توڙي خانگي اسڪول سومر ڏهاڙي کان سئو سيڪڙو حاضري سان کلندا، اين  سي او سي اجلاس جي روشني ۾ ڪيل فيصلي تحت اسڪول کوليا ويندا، هوڏانهن ملڪ ۾ ڪورونا سبب 29 ڄڻا فوت ٿي ويا، سنڌ ۾ 4 مريضن جون حياتيون ضايع ٿي ويون، رپورٽ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 955 ڄڻن ۾ عالمي وبا جي تصديق ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ چار مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 7484 ٿي ويو آهي جڏهن ته 4323 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 163 نوان ڪيس سامهون آيا. اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ چار مريض پنهنجيون حياتيون وڃائي ويٺا ۽ فوتين جو تعداد 7484 تائين پهچي ويو آهي جيڪو 1.6 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي. مراد علي شاهه چيو ته 4323 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 163 ڪيس ظاهر ٿيا جيڪي 3.8 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهن. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 6127751 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جن مان 461587 ڪيسن جي تشخيص ڪئي وئي انهن مان 93.8 سيڪڙو يعني 432784 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 212 مريض پڻ شامل آهن. وڏي وزير چيو ته هن وقت 21319 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 21010 گهرن ۾ ، 29 آئسوليشن سينٽرن ۾ ۽ 280 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 276 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 19 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. بيان موجب 163 نون ڪيسن مان 87 ڄڻا ڪراچي مان آهن جن ۾ اوڀر 48، ڏکڻ 12، ڪورنگي 11، ملير 7 ۽ سينٽرل 6 ۽ اولهه 3 شامل آهن. ٿرپارڪر 23، ٽنڊو محمد خان 13، عمرڪوٽ 9، حيدرآباد 8، بدين 4، خيرپور 3، لاڙڪاڻو 2، ڄامشورو، ڪشمور، ميرپورخاص ۽ سانگهڙ 1-1 ڪيس آهن. وڏي وزير صوبي جي عوام تي زور ڏنو ته ايس او پيز تي عمل ڪن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو