95

سنڌ ۾ گئس بحران وڌي ويو، صنعتن ۽ خانگي بجلي گھرن جي سپلائي بند، سنڌ حڪومت ذميوار وفاق کي قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پوري ملڪ سان گڏ سنڌ ۾ پڻ گيس جو بحران ويتر وڌي ويو آهي جنهن ڪري  نان ايڪسپورٽ صنعتن جي گيس ٽن ڏينهن لاءِ بند ڪئي وئي آهي. جڏهن ته سنڌ حڪومت گئس جي بحران جو ذميوار وفاقي حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ به گيس بحران سبب سوئي سدرن لاءِ گيس پريشر برقرار رکڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، جڏهن ته سوئي سدرن کي آر ايل اين جي سپلاءِ ۾ به کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. گيس بحران کي نظر ۾ رکندي نان ايڪسپورٽ صنعتن سميت خانگي بجلي گھرن کي به گيس جي سپلاءِ سڀاڻي سومر تائين بند ڪئي وئي آهي جيڪا سومر جو صبح جو 8 وڳي تائين بحال ڪئي ويندي. سوئي سدرن گيس ترجمان جو چوڻ آهي ته سمنڊ ۾ تيز لهرن سبب ايل اين جي جي جهاز جي اچڻ ۾ دير ٿي آهي، گيس جي کوٽ تي لوڊ مئنيجمينٽ پلان تحت ورڇ ڪئي پئي وڃي. گھريلو استعمال لاءِ گيس جاري رکي ويندي.  ٻي پاسي مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ گئس ۾ خود ڪفيل آهن پر اڄ اهي گئس جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن، وفاقي حڪومت کان صحيح وقت تي گئس امپورٽ نه ٿيندي آهي. انشاءَ الله اهي ماڻهو پاڻمرادو وائکا ٿيندا. هن چيو ته وفاقي حڪومت هر وقت سنڌ لاءِ نوان امتحان ۽ مسئلا پيدا ڪندي رهي ٿي. سنڌ حڪومت ايتري طاقتور آهي جو وفاق سميت ٽن صوبائي حڪومتن لاءِ مسئلو بڻيل آهي ته پوءِ اهي  ملڪ جي جند ڇڏين اسان هلائي ڏيکاريون ٿا. وڏي وزير چيو ته اسان 1970 کان وٺي ڪيترائي ڀيرا حڪومت ۾ رھيا آھيون اسان ڄاڻون ٿا ته حڪومت ڪيئن هلائبي آهي. هوڏانهن سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ گئس بحران وري سنگين ٿي ويو، گئس جي کوٽ ۽ بندش جو ذميوار وفاق آهي. هن چيو ته نجي پاور ڪمپنين، صنعتن ۽ سي اين جي سيڪٽر مان هزارين ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا، سڀ کان وڌيڪ قدرتي گئس پيدا ڪندڙ صوبي کي ئي گئس کان محروم ڪيو ويو آهي. هن چيو ته گهريلو واهپيدار به گئس پريشر جي گهٽتائي کي منهن ڏيندا، هينئر ئي اها صورتحال آهي ته سياري ۾ ڇا ٿيندو؟ هن وڌيڪ چيو ته گئس جي کوٽ آر ايل اين جي جي دير سان ڪيل معاهدن جو نتيجو آهي، ايل اين جي جي درآمد ۾ دير حڪمرانن جي ناڪامي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو