147

عوامي مسئلن جي حل لاءِ تسلسل جاري رکيو وڃي، ڪا به رڪاوٽ برداشت نه ڪئي ويندي: بلاول ڀٽو

 لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو  جي سربراهيءَ ۾ پيپلز پارٽي جي تنظيمي عهديدارن جو اجلاس نئون ديرو ۾ واقع ڀٽو هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي هدايتن تي مڪاني ادارن، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ، تعليم ۽ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي وزيرن کي به ڀٽو هائوس نئون ديرو ۾ طلب ڪيو ويو هو. اجلاس ۾ بلاول ڀٽو زرداري تنظيمي عهديدارن جي موجودگي ۾ لاڙڪاڻي ۾ مڪاني ادارن سان سلهاڙيل مسئلن جي حل ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي شعبي ۾ جاري اڳڀرائي سميت تعليمي ادارن جي صورتحال ۽ ترقياتي رٿائن بابت معلومات ورتي. ان تي مڪاني ادارن ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي صوبائي وزير ناصر شاهه پنهنجي کاتي جي ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪيو بعد ۾ بلاول ڀٽو زرداري کي ورڪس اينڊ سروسز کاتي جي صوبائي وزير ضياءَ عباس شاهه ۽ تعليم کاتي جي صوبائي وزير سردار شاهه پاران پنهنجي پنهنجي کاتي جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لاڙڪاڻي ۾ عوامي مسئلن جي حل لاءِ تسلسل کي جاري رکيو وڃي ڇاڪاڻ ملڪ ۾ جمهوريت جو هڪ استعاره آهي هتان جي عوام جون قربانيون ناقابل فراموش آهن. هن چيو ته لاڙڪاڻي جي مسئلن جي حل جي تسلسل ۾ ڪا به رڪاوٽ برداشت نه ڪندس،  لاڙڪاڻي وارا ملڪ ۾ مزاحمتي سياست جي هڪ علامت آهن هتان جي هر خوشي ۽ غم ۽ هر مسئلي کي پنهنجو معاملو سمجهندو آهيان. هن چيو ته لاڙڪاڻي جو هر ماڻهوءَ سان دلي رشتو محسوس ڪندو آهيان ڪنهن به قيمت تي اوهان جو ساٿ ڇڏي نه ٿو سگهان. اجلاس ۾ پي پي پي سنڌ جي صدر نثار کهڙو، خورشيد جوڻيجو، اعجاز جکراڻي، اڳوڻي صوبائيو زير سهيل انور سيال، جميل سومرو، اعجاز لغاري، خير محمد شيخ، عمران جتوئي، وقار ڀٽو ۽ ٻين اڳواڻن به شرڪت ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو