139

ڏيپلو لڳ پورهيت جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ، وارثن پاران بااثر تي قتل جو الزام

ڏيپلو(ويب ڊيسڪ) ڏيپلي جي ڳوٺ موٽاٽيو ڀرسان جهنگ ۾ ڪنڊي جي وڻ مان ڦاهو کاڌل 55 ورهين جي رتن عرف ڪارو ولد اميدو ميگهواڙ جو لاش هٿ آيو، اطلاع تي ڏيپلو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال پهچايو، جتان لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو، فوتي جي وارثن ڳوٺ جي بااثر نوجوان سردارو ٺڪر تي قتل ڪري لاش وڻ ۾ لٽڪائي آپگهات جو رنگ ڏيڻ جو الزام هنيو آهي، جڏهن ته فوتي جي زال سان بااثر نوجوان طرفان مسلسل هڪ سال تائين زبردستي لڄالٽ ڪرڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي، فوتي رتن ميگهواڙ جي ڀاءُ آڏو، ڀائيٽي نهال ۽ سهري هرچند ميگهواڙ واقعي بابت ٻڌايو آهي ته ڳوٺ جي بااثر گهراڻي جي اوباش نوجوان سردارو ٺڪر جي ڪري واقعو پيش آيو آهي، سردارو ٺڪر  رتن جي گهر واري کي مسلسل تنگ ڪندو هو ۽ زبردستي زنا ڪندو هو، ڪافي ڀيرا روڪڻ باوجود موتمار ڌمڪيون ڏيندو هو، اسان کي شڪ آهي ته سردارو ٺڪر وارن رتن کي ماري خودڪشي جو رنگ ڏنو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جو صاف شفاف جاچ ڪرائي جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو